آمريڪا ۾ مهانگائيءَ جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ مهانگائي جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو ۽ عام واهپي جي شين ۾ وڏي پئماني تي واڌ ٿي آهي.

محنت کاتي جي انگن اکرن موجب آمريڪي ڪنزيومر پرائس انڊيڪس (سي پي آءِ) آڪٽوبر ۾ ختم ٿيندڙ 12 مهينن ۾ 6.2 سيڪڙو وڌي ويو، جيڪا تيل، گاڏين ۽ گهرن جي قيمتن ۾ واڌ جي 30 سالن جي بلند ترين سطح آهي.

آمريڪي ليبر ڊپارٽمينٽ جي جاري ڪيل انگن اکرن تي ماهر به حيران آهن.

هوڏانهن آمريڪي صدر جو بائيڊن مهانگائي خلاف جنگ کي پهرين ترجيح ڏيندي چيو آهي ته مهانگائي ۾ واڌ عارضي ثابت ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.