ناظم جوکيو ڪيس: مقتول جي موبائل ڊيٽا هٿ، قتل وقت ڄام ڀائرن جي موجودگي جون شاهديون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ جاچ ٽيم شروعاتي شاهديون جمع ڪرائي ڇڏيون، جڏهن ته پوليس کي مقتول جي موبائل جي ڊيٽا به ملي وئي آهي.

ذريعن موجب ناظم جوکيو جي قتل وقت ڄام عبدالڪريم ۽ ڄام اويس جي ڄام هائوس ۾ موجودگيءَ جون شاهديون مليون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ڊجيٽل رڪارڊ کي ڪيس جو حصو بڻائي ورتو آهي ۽ شاهدن جا بيان به ورتا ويا آهن.

ذريعن موجب ڄام ڪريم جي سيڪريٽري نياز سالار جي ناظم جوکئي جي ڀاءُ افضل کي ڪيل فون جو رڪارڊ به ملي ويو آهي، نياز سالار جي فون کانپوءِ ناظم جوکئي جي لوڪيشن قتل جي جاءِ تي آئي، پوليس کي ناظم جوکيو جي قتل وقت ايم اين اي ڄام عبدالڪريم ۽ ايم پي اي ڄام اويس جي ڄام هائوس ۾ موجودگي جون شاهديون مليون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جا بيان ورتا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.