سيمي فائنل: پاڪستان ڪامياب ٿيو ته وزيراعظم فائنل ڏسڻ دبئي ويندو: ذريعا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏئي ٿو ته وزيراعظم عمران خان طرفان فائنل ڏسڻ لاءِ دبئي وڃڻ جو امڪان آهي.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ جيڪو کٽيندو اهو فائنل ۾ نيوزيلينيڊ سان مهاڏو اٽڪائيندو.

وزيراعظم عمران خان اڄوڪي ميچ جي حوالي سان قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

ذريعن موجب جيڪڏهن پاڪستان اڄ ڪاميابي ماڻي ٿو ته وزيراعظم جو فائنل ڏسڻ لاءِ دبئي وڃڻ جو امڪان آهي ۽ هن پنهنجي ويجهن ساٿين سان گڏ دبئي وڃي فائنل ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.