قمبر: اين سي ايڇ ڊي استادن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ اين سي ايڇ ڊي استادن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

غلام فاروق ڀٽي، قربان علي کوسو، روشن علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پندرهن سالن کان سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ لکين معصوم ٻارڙن کي تعليم تعليم ڏئي رهيا آهيون، گذريل ڇهن مهينن کان پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن.

احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پڪو ڪري رهيل پگھارون جاري ڪيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.