ڳڙهي حسن لڳ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي

ڳڙهي حسن ( ن ع آ ) دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ بشام بروهي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھه تان بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ سبب ٻارن ۽ عورتن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، گوليون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا صدام، اختر بروهي زخمي ٿي پيا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ٺل جي سول اسپتال منتقل ڪيو، ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچا بند بڻيل آهن، وڌيڪ جهيڙي جو انديشو، پوليس پڪٽ قائم ڪري ورتي آهي، هوڏانهن دلمراد ٿاڻي جي پوليس سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو آهي،جهيڙي کي ختم ڪرائڻ لاءِ پڪٽ قائم ڪيو آهي، جهيڙي جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، جاچ مڪمل ڪرڻ بعد  قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.