لاڙڪاڻي ۾ مبينا اغوا ٿيل واپاري گهر پهچي ويو، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد پاڙي مان ڏيڍ مهينو اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل ڪارن جو ڊيلر دلبر شيخ آزاد ٿي گهر پهچي ويو جنهن پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين خلاف پنهنجي ڀيڻ سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري انصاف جي گهر ڪئي آهي. ان موقعي تي دلبر شيخ پنهنجي ڀيڻ سعيده خاتون سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن راجا ماڇي، نظام ماڇي ۽ جاني ماڇي معرفت شفيع پٺاڻ ۽ حفيظ پٺاڻ وارن کان مان ڪجھ عرصو اڳ 7 گاڏيون خريد ڪيون هيون، جيڪي چوري ٿيل نڪتيون ته مان کين واپس ڪري ڇڏيون، بدلي ۾ هنن مون کي هڪ ويزل گاڏي ڏني ۽ رهيل 90 لک روپيا جلد واپس ڪرڻ جو واعدو ڪيو، پر پئسا ڏيڻ بجاءِ هنن منهنجي مٿان ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽ سيوهڻ ۾ 4 ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حراسان ڪيو، جڏهن ته گذريل 27 سيپٽمبر تي لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ۽ ڪراچي پوليس سميت بااثر شفيع پٺاڻ، حفيظ پٺاڻ، جاني ماڇي، نظام ماڇي ۽ راجا ماڇي وارن مون کي پنهنجي گهر مان کنڀي ڏيڍ مهيني تائين مختلف نامعلوم هنڌن تي قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته اڄ صبح جو سوير مون کي اکين تي پٽيون ٻڌي ڪار ۾ کڻي ايئرپورٽ روڊ تي انڙ پيٽرول پمپ ڀرسان ڦٽو ڪيو ويو، جنهن بعد مان الھه آباد ٿاڻي تي پهچي پوليس کي سموري حقيقت کان آگاھ ڪيو آهي، اغوا ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.