دو داپور لڳ تڪرار جو نبيرو، 33 لک ڏنڊ

دو داپور ( رپورٽ: علي نواز ملگاڻي  ) دوداپور ويجهو ڳوٺ صحبت خان ليڙواڻي ۾ ٻن سالن کان هلندڙ صحبت خان ليڙواڻي ۽ اميرجان  پلال جي ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار جو نبيرو مير جاويد خان بليدي جي سرپئنچي ۾ بليدي رائيس مل ڳڙهي خيرو ڪيو ويو، ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد فتويٰ جاري ڪئي وئي جنهن ۾ راجا ليڙواڻي جو خون بها 8 لک رپيا مقرر ڪئي وئي،  جڏهن ته بشير پلال جو خون 15 لک رپيا مقرر ڪيو ويو ۽ 10 لک گهرن مان سامان کڻڻ ۽ فصل کي نقصان پهچائڻ جو رکيو ويو، مجموعي طور تي 33 لک روپيا ڏنڊ رکيو ويو ڏنڊ جي رقم مان ڪٽ ڪري بقايا 20 لک روپيا ليڙواڻي ڌر پلال برادري کي ٽن قسطن ۾ ادا ڪندو، فيصلي بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويا مشيرن ۾ اڪبر شاھ، مير اشرف خان کوسو، پنهل خان ڏاهاڻي، سيد روشن شاھ، ارباب بليدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.