شادي پلي لڳ پسند پرڻي تان نوجوان قتل

شادي پلي ( ن ع  آ  ) شادي پلي لڳ ڳوٺ جڳو ڀرڳڙي ۾ پيار پرڻي  تان رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ۔سال اڳ پيار پرڻو ڪندڙ نوجوان قتل۔تفصيل موجب ۔ شادي پلي لڳ ڳوٺ جڳو ڀرڳڙي ۾ پيار پرڻي تان رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ۔ جنهن ۾ گولي لڳڻ سبب سال اڳ پيار پرڻو ڪندڙ  25 ورهين جو نوجوان غلام مصطفيٰ ولد ڪالو خان رند سخت زخمي ٿي ويو ۔  جنهن کي علاج لاء  اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ۔ فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۔ جڏھن ته فوتي نوجوان جو مڙھ گهر پهچڻ تي روڄ ۽ راڙو پئجي ويو ۔ آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.