ڀان ۾ بدامني، ايس يو پي جي سڏ تي شٽر بند هڙتال، ڌرڻو

ڀان سيدآباد ( رپورٽ : آدم مينگل   ) ڀان سيدآباد ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي سري عام وڪري خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، هڙتال سبب شهر جا اهم ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، مين دعا چوڪ، اسٽيشن روڊ، سبزي منڊي، ٽائون ڪاميٽي مارڪيٽ سميت سمورا اهم ڪاروباري مرڪز بندرهيا. جڏهن ته ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙي، ضلعي صدر درياءَ خان لغاري، علي اصغرسولنگي، سهيل ٻرڙو، اصغر شاهاڻي شبير ٻرڙو  جي اڳواڻي ۾ دعا چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڀان سيدآباد شهر۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، ڏينهن ڏٺي جو ڦرون ۽ چوريون ٿي رهيون آهن، موٽرسائيڪلون روز ڦرون پيون ٿين، پر پوليس خاموش آهي، هنن چيو ته پوليس صرف منشيات فروشن جي سرپرستي ۾ پوري آهي، شهر اندر شراب، چرس، نشي آوور سوپارين جو ڪاروبار ٿي رهيو آهي، جتان پوليس منٿلي وصولي رهي آهي، هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ شهر جي وچ چوڪ تي فائرنگ ڪري نوجوان جمشيد چنا کي قتل ڪيو ويو ۽ ذوالفقار لنڊکي زخمي ڪيو ويو پر پوليس شهر ۾ فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي اڃاتائين ناهي پڪڙيو،شهري هاڻي پنهنجو پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهيا آهن.  ايس ايڇ او ۽ ايس ايس پي رشوت ڏيئي پنهنجي مقرري ڪرائين ٿا جنهن جي ڪري کين امن امان جي پرواهه ئي ناهي،منشيات فروشن کان ڪروڙين روپيا منٿلي وصولي پوليس جي بالا آفيسرن کي پهچائين ٿا 20   ڊسمبر تي اي ايس پي سيوهڻ جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين. ۽ ڀرپور مزاحمت ڪنداسين پوءِ ان جي ذميواري ڀان پوليس ۽ ايس ايس پي ڄامشورو  مٿان هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.