پنو عاقل لڳ ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت

پنوعاقل ( ت ر )پنوعاقل لڳ بجليءِ جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري پورھيت فوت،گھوٽڪي ۽ پنوعاقل جي وچ واري علائقي محمد پور جو رھواسي پورھيت منور دايو ڪچا ڦاٽڪ لڳ تعمير ٿيل عبدالله پبلڪ اسڪول ۾ بجليءِ ڦٽنگ جو ڪم ڪري رھيو ھو ته ڪرنٽ لڳڻ ڪري منور دايو ٿڏي تي فوت ٿي ويو،جنھن جو مڙھ کڻائي تعلقه اسپتال پھچايو ويو،جتي ضروري ڪارروائي بعد ڳوٺ نيو ويو،نوجوان جي وفات جي خبر ٻڌندي سندس وارث اسپتال پھچي ويا جڏھن ته نوجوان جي بي وقتائتو مرڻ جي رپورٽ پنوعاقل ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.