اسلام ڪوٽ ڀرسان ناري خودڪشي ڪري ڇڏي

اسلام ڪوٽ (ت ر) اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ خودڪشي جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ڪالھ وڌيڪ هڪ خودڪشي جو واقعو پيش آيو،انهي سلسلي ۾ جهانگرو ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ ڪهڙي ۾  30 ورهين جي شادي شده نوجوان ناري مگهو زال ويرسين ڪولهي جو وڻ جي هيٺ زمين تي  ڪنڌ ۾ رسو پيل لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو،جهانگرو پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال آندو.جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش کي وارثن جي حوالي ڪيو ويو،انهي سلسلي ۾  پوليس موجب ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته ناري جو پاڙي جي عورتن سان ڏند چڪ ٿي جنهن تان هن  خودڪشي ڪئي سندس سهري وڻ ۾ ٽنگيل  ڏسي رسي کي ڪهاڙي سان رسو ڪٽي ناري کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي  پر عورت فوت ٿي چڪي هئي،پوليس موجب  ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته  ناري جو گهر وارو ٿر ڪول ۾ مزدوري ڪندو آھي اسان کي ڪنهن تي به ڪو شڪ نه آهي ناري جو دماغي توازن به صحيح نه هو هن پنهنجو پاڻ ڦاهو کاڌو آهي اسان وڌيڪ ڪابگ قانوني ڪاروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون جنهن بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.