نااهل حڪمرانن عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي: ثمر جتوئي

ٽنڊو محمد خان (پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي،مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي،سوشل سيڪريٽري جبار باغي پاران ٽنڊو محمدخان جي وساڻ اسٽاپ تي هندو ڀائرن سان گڏ جيوڻ ڪولهي ۾ ديوالي ملهائي ڳوٺ حاڪم علي ۾ جتوئي برادري سان تعزيت ڪئي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪرڻ کانپوء ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب تي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ اندر مهنگائي جو طوفان آهي نااهل حڪمرانن غريب جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي ڪئي وئي آهي. عمران سرڪار عوام دشمن آء ايم ايف جي پاليسي تي عمل پيرا ٿيندي عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪيو ويو آهي ڀاڻ ٻج جون قيمتون وڌائي زراعت کي تباه ڪيو ويو هارين پورهيتن لاء سبسڊي ناهي زرعي شين جا اگه فوري گهٽايو وڃن هاري لاء فوري رليف جي پيڪيج اعلان ڪيو وڃي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر لا ان آڊر جي صورتحال انتهائي خراب آهي پوليس وڏيرن جي وانگارو بڻجي وئي آهي قبيلائي جيهڙن سبب ڳڀرو نوجوان بي گناه ماري وڃن ٿا هتي جيڪو ڏاڍو وارو راج پيو هلي ڪير پڇڻ وارو ناهي ڪو به ماڻهو پاڻ کي محفوظ نٿو سمجهي هنن چيو قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪري عوام پيدا ٿيندڙ بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.