ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي: ناصر سومرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جمعيت علماءِ اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جي مجلس عامله جو اهم اجلاس مولانا ناصر خالد محمود سومرو جي صدارت هيٺ جامعه اسلاميه ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ محبت علي کهڙو، حافظ عبدالقادر سيال، مولانا حميدالله سيال، مولانا عبدالجبار حيدري، مولانا محمد الياس چنه، طارق حسين سومرو، حافظ نصير احمد ڀٽو مولانا جمال مصطفيٰ تنيو، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ 27 نومبر 2021 تي رٿيل “شهيد اسلام ڪانفرنس”، ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال، بدترين مهانگائي، بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ، نيب آرڊيننس، نام نهاد چونڊ سڌران ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ان کان علاوه اجلاس دوران پکي ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتيءَ ۽ ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي اڳواڻن ملڪ ۾ بدترين مهانگائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي بجلي، گيس، پيٽرول، اٽو، گيهه، کنڊ ۽ دوائون ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ بدترين واڌ کي رد ڪري ڇڏيو.گڏوگڏ لاڙڪاڻي شهر ۾ وڌندڙ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ جي حوالي سان به اهم صلاح مشورا ڪندي چيو ويو ته 27 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ رٿيل شهيد اسلام ڪانفرنس ۾ پي ڊي ايم جي مرڪزي قيادت شرڪت ڪندي. اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا ناصر خالد محمود سومرو چيو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ منعقد ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس ۾  لکين ماڻهو شريڪ ٿي ڪري پنهنجي محبوب قائد سان اظهار عقيدت ۽ محبت جو پيغام ڏيندا. هن چيو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ڪڏهن به آمرن، ظالمن ۽ جابرن جي اڳيان ڪنڌ نه جھڪايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.