ٺٽي ۾سنڌ ملاح فورم جي آفيس کي باهه

ٺٽو(ڊر) ٺٽي ۾ شرپسندن سنڌ ملاح فورم ضلعي آفيس کي باھ ڏئي ڇڏي، سمورو سامان سڙي رک، لکين رپين جو نقصان، ڪيس داخل، ڪابہ گرفتاري عمل ۾ نہ آئي. خبر موجب ٺٽي شھر جي مڇي مارڪيٽ ۾ قائم سنڌ ملاح فورم ضلعي ٺٽي جي آفيس کي رات جي وقت ڪن نامعلوم شرپسندن پاران باھ ڏيئي آفيس کي مڪمل. ساڙي ڇڏيو، ہاھ سبب آفيس ۾ رکيل تنظيم جو رڪارڊ، صوفا سيٽ، ڪرسيون، ميز، المارين سميت سمورو قيمتي سامان سڙڻ ڪري وڏو نقصان پھتو آھي، جنھن بعد ملاح اڳواڻ ڏاڏا محمد آدم گندرو پاران ٺٽي ٿاڻي تي نامعلوم شرپسندن پاران آفيس کي باھ ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آھي تہ 7/8 نومبر واري رات دير سان ڪن نامعلوم شرپسندن پاران دشمني جي بنياد تي سنڌ ملاح فورم ضلعي ٺٽي جي آفيس کي باھ ڏيئي وڏو نقصان ڪيو آھي. ھن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ فورن جانچ ڪرائي تنظيم جي آفيس کي باھ ڏيندڙ شرپسندن کي گرفتار ڪري ملاُ برادري ۾ ڦھليل بيچيني دور ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، ٻئي طرف سنڌ ملاح فورم سنڌ جي مرڪزي، صوبائي ۽ ضلعي اڳواڻن طرفان سنڌ ملاح فورم جي آفيس کي باھ ڏيئي نقصان پھچائڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي تہ ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت سنڌ ملاح فورم جي ضلعي آفيس کي باھ ڏيئي وڏو نقصان ڪيو ويو آھي، ڪيس داخل ڪرڻ باوجود ٺٽو پوليس آفيس کي باھ ڏيندڙ شرپسندن کي گرفتار ڪري ناھي سگھي. ھنن گھر ڪئي تہ فورن تنظيم جي آفيس کي باھ ڏيئي نقصان پھچائيندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.