هالاڻي لڳ ڪتن نينگر کي ڏاڙهي وڌو، نوابشاهه منتقل

ھالاڻي ( ن ع آ ) ھالاڻي  ڀرسان يوسي ھوت خان جلباڻي ڳوٺ خدا بخش خاصخيلي جو رھواسي 10 ورهين جي نينگر فرحان پٽ ڪوڙل خاصخيلي اسڪول کان واپسي  تي گھر ايندي  ٽن رولن ڪتن ڏاڙھي سڄو جسم رتو رت ڪري مرڻينگ ڪري وڌو، نينگر اسڪول کان گھر وڃي رھيو ھو ته  واقعو پيش آيو، رت ۾ ٻڏل زخمي نينگر کي ھالاڻي رورل ھيلٿ سينٽر تي آندو ويو  ويڪسين موجود نه  ھجڻ تي زخمي کي ڊاڪٽرن فرسٽ ايڊ ڏيڻ بغير کيس کي موٽائي ڇڏيو، زخمي کي ڪوٽڙي ڪبير بيسڪ ھيلٿ يونٽ ۾ آندو ويو، جتي ڊاڪٽر ۽ عملي زخمي جي ھنگامي طور تي ملم پٽي ڪري ڊرپ ھڻي دوائون ڏئي ۽ بچاءِ جي ويڪسين ھڻي بعد ۾  نواب شاھ  ريفر ڪيو،ان موقعي تي انچارج ڊاڪٽر ذوالفقار سومرو ٻڌايو ته  نينگر کي ڪتن جا سڄي جسم ۾ گھرا زخمن آھن، ان ڪري مان کيس کي ريفر  ڪيان ٿو ته نينگر اسپتال ۾ داخل ٿيندو،  تڏھن کيس جو بچاءِ ٿي سگھي ٿو، جڏھن ته نينگر کي ڳڻي جوڳي حالت ۾ نواب شاھ نيو ويو.

  • کڏهڙ ٿاڻي جي حد ۾ بدامني خلاف بک هڙتال

نوابشاھ (بيورو رپورٽ) تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميان شورا ۾ چورين ۽ ڦرن جي وڌندڙ واقعن خلاف پير ناصر الدين، پير مظھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ڪالهه ڏھين ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪندي چيو آهي ته کڏھر ٿاڻي جي حد ۾ چورن ۽ ڦرن جو آزار روز جو معمول بڻيل آهي جڏهن ته چورن بااثر وڏيرن جي حمايت حاصل آھي جنھن جي ڪري حد جي پوليس انھن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، ھنن چيو ته چورين جي وارداتن جي ڪري شھرين جي جان ۽ مال خطري ۾ آھي رات جي وقت ماڻھو پنھنجي گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کڏھر ٿاڻي جي حد ۾ امن امان بحال ڪرائي شھرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ چورن جي حمايت ڪندڙ بااثرن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

  • شهدادڪوٽ ۾ شاگردياڻين جي حراسمينٽ جي جاچ جو مطالبو

شھدادڪوٽ ( ڊر ) شھدادڪوٽ جي ھڪ سرڪاري پرائمري اسڪول جي ھڪ استاد پاران شاگردياڻين کي مبينا جنسي حراسمينٽ ڪرڻ واري واقعي خلاف شھر جي مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمـن تي جوڙيل تعليم بچايو جدوجهد ڪميٽي جو ھڪ اھم ھنگامي اجلاس ايس ٽي پي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي صدر ڪامريڊ حيات تنيو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو,اجلاس ۾ شھري اتحاد جي اڳواڻ حبدار ميرجت،ايس يو پي اڳواڻ پيربخش ڀٽي، پ پ( شھيد ڀٽو ) اڳواڻ منير احمد بروهي، پي ٽي آء اڳواڻ حاجي خان ڀٽو، عوامي تحريڪ اڳواڻ امداد لوهر سميت سماجي اڳواڻن حاڪم خان مستوئي، رشيد مگسي، اسد سولنگي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ متفق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته اسڪول جي استاد پاران شاگردياڻين کي جنسي حراسمينٽ ڪرڻ واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث ھئڻ جي صورت ۾ استاد خلاف سخت قدم کنيو وڃي. ھنن چيو ته پيغمبري پيشي سان سلھاڙيل ھڪ استاد کي اھو نه ٿو جڳائي ته ھو شاگردياڻي سان ڪريل حرڪتون ڪري انانيت کي لڄائي, جنهن ڪري تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کي گھرجي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي حقيقت کي پڌرو ڪري انصاف ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.