اوٻاوڙو ۾ بدامني، چوريون روز جو معمول، خلق پريشان

اوٻاوڙو  ( ن ع آ ) اوٻاوڙو ۾ بدامني وڌي وئي پوليس ٻوٽو نه ٻاريون  لانگھو روڊ تي قائم ڊاڪٽر ونود  جي اسپتال ٻارن جي دوا وٺڻ لاءِ آيل رانوتي روڊنارو واھ جي رهائشي وحيد شر جي ڏينھن ڏٺي جو نامعلوم چور سي ڊي موٽر سائيڪل 2008 ماڊل آساني سان ڪاھي  فرار ٿي ويا جڏهن ته اوٻاوڙو پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي گذريل هڪ مهيني دوران اوٻاوڙي تعلقي اندر بدامني سبب  ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون ۽ گهريلو سامان، ۽ جانورن جون چوريون معمول بڻيل آهن اوٻاوڙو پوليس کک ڀني ٻيڻو ناهي ڪيو متاثر نوجوان وحيد شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجي ٻارن جي دوا وٺڻ لاءِ ڊاڪٽر وٺ آيو هئس مون پنهجي موٽر سائيڪل اسپتال اڳيان لاڪ ڪري بيھاري هئي نامعلوم چاٻي چور منهجي موٽر سائيڪل ڪاھي  فرار ٿي ويا آهن مان اعلي حڪام ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل کي اپيل ٿو ڪريان ته منهجي موٽر سائيڪل چورن کان واپس ڪرائي وڃي ۽ انهن جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.