اڳوڻي صوبائي وزير ضاءُ الحسن لنجار جي عبوري ضمانت منظور

سکر(رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران عبوري ضمانت لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي سکر جي احتساب عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران عدالت ضياءُ الحسن لنجار جي  ضمانت منظور ڪندي کيس 5 لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته ضياءُ الحسن لنجار تي نيب پاران آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت ريفرنس داخل ٿيل هو جنهن لاءِ ۾ ضمانت لاءِ هن هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ۽ نيب آرڊيننس 2021 کانپوءِ هاءِ ڪورٽ پاران ضياءُ الحسن لنجار کي ضمانت لاءِ احتساب عدالت سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.