مٺي ۾ بدفعلي ڪيس ۾ 3 جوابدارن کي سزا

مٺي(بيوروچيف)مٺي جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ 14سالن جي نينگر سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ اعتراض جوڳي سندس وڍيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واري ڪيس ۾ 3 جوابدارن کي 15_ 15 سال قيد ۽ 30 لک ڏنڊ جي سزا جو فيصلو ڏيئي ڇڏيو،مٺي جي ڳوٺ آمريو ۾ 6 مهينا اڳ 14 سالن جي شاگرد خميسو خان جوڻيجو سان 3 جوابدارن اجتمائي ڏاڍائي بعد سندس ڏاڍائي واري وڍيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪئي هئي،مٺي ٿاڻي تي 3 جوابدارن دلبر جوڻيجو،ثناءُ الله جوڻيجو ۽ امام بخش جوڻيجو خلاف 4 جون 2021ع تي اهڙو ڪيس داخل ٿيو هو،جيڪو عدالت ۾ ھلندڙ هو،ڪيس جي ٻڌڻي تي ايڊيشنل سيشن جج يوسف گل جي عدالت 3 جوابدارن کي 15_ 15 سال قيد ۽ هر جوابدار مٿان 10 _ 10 لک روپين جي ڏنڊ جي سزا جو فيصلو ڏنو،عدالت پاران سزا جي فيصلي بعد جوابدارن کي سينٽرل جيل روانو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.