عمران خان جي نام نهاد تبديلي “ گارجين ” جي نظر ۾…!

تحرير؛شفيق الرحمان شاڪر

عمران خان غريبن کي چيڀاٽي رهيو آهي“ اهي پاڪستان ۾سياسي مخالف ڌرجي ڪنهن اڳواڻ يا عمران خان جي ڪنهن سياسي دشمن جا لفظ ناهن پر مشهور برطانوي رسالي ”گارجين” جي ان رپورٽ جي سرخي آهي جنهن عمران خان جي نام نهاد تبديلي واري دعويٰ کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ جي شروعات هڪ ستاويهه سالا نوجوان اسدالله جي دردناڪ واقعي سان ٿئي ٿي جيڪو ڪراچيءَ ۾ پراڻا بوٽ وڪڻي پنهنجو ۽ پنهنجن گھر وارن جو گذر بسر ڪندو هو تنهن جمعي جي ڏينهن پنهنجو پاڻ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو.سندس مائٽن مان هڪڙي ٻڌايو ته اسدالله جي آپگھات جو سبب سندس مالي ۽ معاشي مسئلا بڻيا.هن جي چوڻ مطابق مهانگائيءَ جو آيل طوفان ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي رهيو آهي.هن ٻڌايو ته اسد کي سندس زال ۽ والدين کان  لاڳيتو مطالبو اچي رهيو هو ته مهانگائي سبب سندن گذران نٿو ٿئي جنهن ڪري هو کين وڌيڪ پئسا موڪلي پر هو ان حيثيت ۾ نه هو ڇاڪاڻ جو رڳو پنهنجي رهائش جي مسواڙ ۽ کاڌي پيتي جو خرچ پکو ڀري سگھي سو گھر وارن کي پئسا ڪٿان موڪلي؟ سندس ان عزيز غني جو چوڻ هو ته “ اسان پنهنجو گھر هلائي نٿا سگھون اهو سبب آهي جو اسد خودڪشي ڪئي ۽ آئون ٻين اهڙن پنجن ماڻهن کان واقف آهيان جيڪي تازي ٿيل مهانگائيءَ  ۽ روزمرهه جي شين جون قيمتون آسمان تي پهچڻ سبب زنده رهڻ کان لاچار بڻجي چڪا آهن ۽ اهي به پنهن جي زندگيءَ جو ڏيئو وسائڻ گھرن ٿا.

 رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ اٿندڙ هڪ سخت معاشي بحران پاڪستاني وزير اعظم عمران خان کي سخت دٻاءُ ۾ آڻي رهيو آهي ۽ ماڻهن ۾ بي چيني وڌي رهي آهي ڇو جو ملڪ مهانگائي ۾ پوري دنيا ۾ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي ايستائين جو کنڊ جي قيمت پيٽرول کان به وڌي ويئي آهي. جريدي مطابق اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ عمران خان ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون هيون ۽ هڪ خوشحال پاڪستان جي قيام جو واعدو ڪيو هو جتي ماڻهن کي ڏهه لک نوڪريون ملڻيون هيون.ان جي بدران گذريل مهيني سعودي عرب جي دوري کان پوءِ  هن اعلان اهو ڪيو ته سعودي عرب پاڪستان کي ٽي ارب ڊالرن جو قرض ڏيندو.

گارجين مطابق گذريل هفتي قوم کي ڪيل خطاب دوران هن سمورين غلطين،معاشي مسئلن ۽ مهانگائيءَ جو ذميدار پنهنجن سياسي مخالفن کي قرار ڏيندي ماڻهن کي کاڌي پيتي جي شين تي هڪ سو ويهه ارب روپين جو رليف پيڪيج ڏيڻ جو به اعلان ڪيوپر هڪ معاشي ماهر خرم حسين جي چوڻ مطابق اهو ڪافي ناهي.اهو پيڪيج سمنڊ ۾ هڪڙي ڦڙي جيان آهي ۽ ان سان عريب ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ڪو خاص فائدو نه ٿيندو.عمران خان تي آيل دٻاءُ ايندڙ ڏينهن ۾ اڃا به وڌندو جو اسان ڏٺو ته عمران خان جي ڪيل ان رليف پيڪيج واري اعلان کان پوءِ  تيل،کنڊ ۽ ٻين شين جون  قيمتون اڃا به وڌي ويون.هن جو چوڻ آهي ته مهانگائيءَ جو ايڏو وڏو بار رڳو عام ماڻهن کي چيڀاٽيندو ان ڪري جو هڪ طرف تمام گھڻي بي روزگاري آهي ته ٻئي طرف مزدورن جا اجورا تمام ٿورا آهن.ٽئين پاسي گئس،بجلي ۽ تيل جون قيمتون بيهڻ جو نالو نٿيون وٺن.حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم تحريڪ انصاف جي حڪومت جي غلط معاشي پاليسين ۽ مهانگائي خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.ان سلسلي ۾لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.جيڪڏهن بنيادي ضرورت جي شين جون قيمتون هيٺ نٿيون اچن ته ملڪ جا عام ماڻهو زنده رهي نه سگھندا.

رپورٽ مطابق ٻه هفتا اڳ مردان ۾ ستيتاليهه سالا غرفان کي ان ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو جو هن هڪ مسجد اندر وزير اعظم کي مهانگائي تي بد دعائون ڏنيون هيون.غرفان جو چوڻ هو ته مهانگائيءَ سبب سندس دوڪان تي ايندڙ گراهڪن جي تعداد ۾ گھڻي گھٽتائي آهي.هن جو چوڻ هو ته روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ ڪيترن ئي مزدورن کيس ٻڌايو ته هلندڙ مهانگائيءَ سبب اهي پنهنجن ٻارن جو پيٽ پالڻ کان لاچار بڻجي ويا آهن.ان ڪري آئون مسجد طرف ڊوڙيس ۽ ماڻهن کي چيم ته اچو ته اسان گڏجي عمران خان کي پٽيون.هن “ گارجين” کي ٻڌايو ته وزير اعظم نئين پاڪستان جو وعدو ڪيو هو جيڪا عام غريب ماڻهن لاءِ  هڪ فلاحي رياست هوندي پر هن هر شيءِ ان جي ابتڙ ڪئي آهي.هو غريبن کي چيڀاٽي رهيو آهي.عرفان جو چوڻ هو ته عمران خان کي ووٽ ڏيڻ تي هن کي تمام گھڻو پڇتاءُ آهي ۽ کيس پڪ آهي ته جن به عمران خان کي ووٽ ڏنا سي سڀ هاڻي پڇتائي ۽ پٽي رهيا آهن.منهنجي نظر ۾ عمران خان کي هاڻي استعيفا ڏيڻ گھرجي جيڪڏهن هو عام واهپي جي شين جون قيمتون هيٺ لاهڻ ۾ ڪامياب نٿو ٿئي. اڄ کان ٽي سال اڳ کنڊ جي پنجاهه ڪلو جي ٻوري جيڪا اٽڪل ٽي هزار روپين ۾ ملندي هئي هاڻي ستن هزارن کان به چڙهي چڪي آهي.هن اسان سان جيڪا ويساهه گھاتي ڪئي آهي الله هن کان ضرور حساب ڪندو.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.