زندگيءَ جي اڻپوري ڪهاڻي

تحرير؛رکيل مورائي

سنڌي ٻوليءَ جو جديد ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شورو پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي ڪالهه سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ اڻپوري ڇڏي هليو ويو. اها ڪهاڻي جنهن جي شروعات سنڌ جي قديم راڄڌانيءَ واري شهر ٺٽي جي هڪ ننڍي شهر ۽ هاڻي ضلعي سجاول  جي هڪ ڳوٺ نور محمد شورو کان تاريخ چار جولاءِ 1947ع تي شروع ٿي هئي. جنهن ڳوٺ ۾ هڪ گهر، نامياري جج عبدالڪريم شورو جو هئو، جنهن ۾ شوڪت حسين شوري جنم ورتو، عمر جا پنجهتر سال سنڌ جي علمي ادبي شهر ڄامشوري ۾ گذاريندڙ، نئين سنڌي ڪهاڻيءَ کي هڪ دور ڏيندڙ شوڪت حسين شورو اڄ اسان وٽ نه رهيو آهي، جسماني طور!

 پر هو هڪ اديب، ڪهاڻيڪار طور سنڌي ادب ۾ سدائين زنده رهڻو آهي، جيڪا زندگي ئي هن جي اصل زندگي آهي، هڪ زندگي جنهن ۾ هن تعليم پرائي، نوڪري ڪئي، سفر ڪيا، عشق ڪيا ۽ باقي سمورو وقت ڪهاڻيون لکيون ۽ اهڙيون اهڙيون لکيون جيڪي، سنڌي ادب ۾ مروج ڪهاڻيءَ کان الڳ هيون. سندس ڪهاڻيون سنڌ جي سياسي توڻي سماجي شور کان بنهه الڳ بيٺل هڪ اهڙي شخص جي آس پاس آهن، جيڪو شخص مڊل ڪلاس جو آهي. سندس مسئلا آهن تڪليفون ۽ سندس اندر جي ڪائنات آهي جنهن جي اوک ڊوک آهي.

 هيءُ اهڙيون ڪهاڻيون هيون جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي وڏيري جي اوطاق کان کڻي شهري زندگيءَ جي ويجهو آندو ۽ محسوس ڪرايو ته شخص جي زندگيءَ ۾ هڪ نجي ڪائنات آهي ۽ شخص ئي گڏجي سماج جوڙين ٿا. جڏهن سماج تي لکيو وڃي ۽ ان مان شخص جو ڪردار، شخص جو ويچار، انجي اڪيلائي، ان جون تڪيلفون ۽  ان جون سوچون نظر انداز ڪيون وڃن ته اها ڪهاڻي اڻپوري آهي، ٻيءَ طرح ڪهاڻي زندگيءَ جي ڪنهن به هڪ ننڍڙي عڪس کي اظهاري ٿي، زندگي گهڻي ويڪري آهي ۽ منجهس ڪوڙين ڳڙکيون آهن.

سنڌي ڪهاڻي جيستائين انسانذات موجود آهي. تيستائين رهڻي آهي ان جو سفر ته جاري رهيو آهي ۽ رهڻو ئي آهي، جنهن  سفر مان شوڪت حسين شورو اڄ جسماني طور الڳ ٿي ويو. پڪ سان سنڌي ڪهاڻيءَ کي ڏنل سندس دين سدائين سنڌي ادب ۾ رهڻي آهي ۽ جيستائين سنڌي ٻولي رهڻي آهي سنڌي ادب رهڻو آهي ۽ سنڌي ماڻهو رهڻو آهي. شوڪت حسين شورو ان سڀ ۾ موجود رهڻو آهي. سندس تخليق جي رات جي رنگن مان صبح جا ڪيترائي نوان رنگ چٽا ٿيڻا آهن. ڪيترائي نوان ڪهاڻيڪار انهن رنگن جي تلاش ۾ نڪرڻا آهن ۽ ڪهاڻيءَ جا ڪيترائي رنگ نکرڻا آهن جيڪي سندس ڪهاڻين ۾ لڪل آهن.

شوڪت حسين شورو پنهنجي شخصي سڀاءَ ۾ نهايت گهٽ ڳالهائڻو، هر طرح مهذبپڻو هٿان نه ڇڏيندڙ، ممڪن حد تائين غير تڪراري رهندڙ، نرم لهجي ۾ گفتگو ڪندڙ، منهن تي هر وقت هلڪي مرڪ رکندڙ، وڻندڙ لباس پائيندڙ ۽ هر طرح اميد پرست رهندڙ، نوجوانن کي ڪنهن به طرح اتساهه بخشيندڙ، ڪابه غير ضروري مصلحت بنهه نه ڪندڙ، دوستن جو ويڪرو حلقو رکندڙ اهڙو شخص هئو جنهن سان گڏ هجڻ وارو وقت ساڻس ملندڙ ڪو به شخص وساري سگهي اهو ڏاڍو ڏکيو آهي.

هند ۽ سنڌ جي اديبن ۾ نهايت پنهنجائپ سان ياد ڪيو ويندڙ هي شخص/ڪهاڻيڪار  سرحد جي ٻنهي پاسي وڻڻ جي حد تائين قبول ڪيو ويندڙ ۽ اديب جي حوالي ۾ احترام ماڻيندڙ ڪهاڻيڪار طور ياد ڪيو ويندو آهي ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن

شوڪت حسين شورو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار به لاجواب ته ناٽڪ نگار به لاجواب ۽ هڪ شخص طور بيحد ئي لاجواب!

سندس لکڻين ۾ هڪ اهڙو شخص اڀري اچي ٿو. جيڪو حالتن جو عذاب ته ڀوڳي سگهي ٿو، پر پنهنجو شخصي مهذبپڻو نه ٿو ڇڏي سگهي، شخص جي اڪيلائي جيڪا هن جي اندر ۾ آهي، ان جو اتوپتو نه آهي اها هڪ وڏي ڪائنات آهي جيڪا هن ٻاهرين ڪائنات کان ڪيئي ڀيرا وڏي آهي ۽ سمجهڻ گهرجي ته شوڪت حسين شوري جو لکڻ پڻ ايترو وڏو آهي، جيڪو نظر به اچي رهيو آهي.

شوڪت حسين شوري سنڌي ڪهاڻيءَ کي پنهنجا چار ڪتاب ارپيا. جن ۾ 1. گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس، 2. اکين ۾ ٽنگيل سپنا، 3. گم ٿيل پاڇو، 4. رات جو رنگ شامل آهن.

جنهن کانپوءِ هن  هند ۽ سنڌ جي سنڌي ڪهاڻين جا هڪ کان وڌيڪ ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جن ۾ سنڌي ڪهاڻي جي سئو سالن گذرڻ تي سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ۽ هند توڻي سنڌ جي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي چونڊ نهايت اهم ليکيا ويندا ۽ سنڌي ادب ۾ ياد ڪيا ويندا.

شوڪت حسين شوري جي زندگيءَ، ادب توڻي شخصيت جي حوالي ۾ نه وساري سگهڻ جهڙي ڳالهه هي رهي آهي ته هن پنهنجي زنگيءَ ۾ جيڪي نوڪريون ڪيون اهي سندس بايوڊيٽا جو حصو آهن پر هن نوڪريءَ جي ٽوڪري ڪلهن تان سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر جي پد تان لاٿي ۽ پوءِ سمورو وقت سنڌي ادب کي ارپي ڇڏيو.

ايئن هو جديد سنڌي ادب ۾ هڪ اهم ليکڪ طور سڃاتو ويندو! جن ليکڪن کي وجودي ليکڪ پڻ چيو ويندو آهي. اهڙي ڌارا  ۾ ممتاز مهر، مشتاق شورو، منير ماڻڪ، مدد علي سنڌي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.سندس حياتي ۾ سندس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ هڪ ڪتاب سنڌ ۾ ڇپيو ويو ۽ هڪ نامياري  مئگزين ڪونج پاران شوڪت حسين شورو خاص نمبر پڻ شايع ڪيو ويو. جيڪي پرچا اهو ثابت ڪن ٿا ته هو سنڌي ادب جو خاص ڪري ڪهاڻيءَ جو اهڙو ليکڪ هئو، جيڪو سنڌي ادب جتي به لکجي رهيو آهي، اُتي ياد رکيو ويندو. ڇو ته هو سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ هئو  ڪنهن به گروپ جو ليکڪ نه هئو جن گروپن سنڌي ادب کي ورهائي ڇڏيو آهي.

 جتي به سنڌي ٻولي لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي ويندي شوڪت حسين شورو اُتي اُتي ياد رکيو ويندو. اهو دائرو فقط سنڌ نه آهي سموري ادبي دنيا آهي، سنڌ لاءِ اهو فخر ڪافي آهي ته هن سنڌ ۾ جنم ورتو ۽ سنڌ ۾ ئي دفن آهي، جيڪا ڌرتي سندس ڄمڻ ۽ مرڻ جو اول ۽ آخري حق پاڻ وٽ محفوظ رکي ٿي ۽ اها ڪهاڻي مسلسل هلڻي آهي جيڪا هر دور ۾ اڻپوري ئي رهجي ويندي آهي.  ڇو ته ڪافڪا چواڻي، ڪا به شيءِ پوري ٿيڻي نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.