سکر ۾ اينٽي ڪرپشن جو ايجوڪيشن ۽ ورڪس آفيس تي ڇاپو

سکر(رپورٽر) ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن سکر احمد علي شيخ جي هدايت تي عبدالحق قريشي جي سربراهي ۾ ايجوڪيشن ۽ ورڪس ڊپارٽمنٽ جي آفيس تي چاپو هنيو ويو جنهن دوران آفيس جو عملو آفيس مان فرار ٿي ويو ۽ اينٽي ڪرپشن ٽيم سمورو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب ڇاپو ترقياتي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال، فنڊن ۾ خردبرد ڪرڻ ۽ ترقياتي ٽينڊر غيرقانوني طور تي ڏيڻ جي انڪشاف کانپوءِ هنيو ويو، اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب هٿ ڪيل رڪارڊ جي جاچ ڪرڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.