پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن نوجوانن جي قتل خلاف مظاهرو

نوشهروفيروز / ٺاروشاھ ( رپورٽ: ايم ظفر تڳر+ن ع آ)سولنگي برادري جو نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو/ڌرڻو سولنگي برادري جي اڳواڻن انجنيئر رحمت الله  سولنگي، علي اصغر سولنگي، دوست علي سولنگي، هدايت الله سولنگي، سردار اسرار سولنگي زبير سولنگي صاحبزادا سولنگي منظور سولنگي وڏيرو ياسين سولنگي ايڊووڪيٽ ديدار سولنگي، جي اڳواڻي ۾ ڊي ايس پي حميد پنهور خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري ۾ سولنگي برادري جي پوري سنڏ کان آيل ماڻهن شرڪت ڪئي احتجاج ۾ پهتل مظاهرين ڊي ايس پي حميد پنهور تي لعنتون وڌيون ۔ ڊي ايس پي مورو حميد پنهور هٿان ڌاڙيل ڄاڻائي ماريل معصوم ڳوٺاڻن اطهر سولنگي ۽ محب سولنگي جي ناحق خون خلاف سولنگي برادريءِ جا هزارين ماڻهو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري لاءِ پهچي ويا مظاهرين جو چوڻ هو ته اگر عدالت اسان جو ازالو نه ڪيو ته احتجاج جو دائرو ويندو .ڊي ايس پي حميد پنهور اسان جي جنوجوانن کي بي گناھ قتل ڪيو آهي جيڪو سراسر ظلم آهي هنن اعليٰ عدالت ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته ڊي ايس پي خلاف فوري قدم کڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ان کان پوء پيادل ھزارين ماڻھن جوايس ايس پي  کان 2ڪلاڪ ڌرڻو ايس پي صاحب 5اڳواڻن کي گھرائي يقين دھاني ڪرائي ته ٻن ڏينھن ۾ سس پنڊ ڪري انڪوائري ڪرائيان ٿو انڪوائري ۾ ڏوھي نڪتو ايف آء آر داخل ڪري کيس جيل اماڻيو ويندو ان يقين دھاني کان پوء ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.