مٽياري ۾ بدامني جي باهه، وارداتون معمول

مٽياري (ڊ ر) مٽياري ضلعي ھيڊ ڪوارٽر واري شھر ۾ نئين آيل ايس ايس پي جي چارج وٺڻ جي ڪجھ ڏينھن ۾ ئي ڏوھارين شھرين کي تر تپائي ڏنو، شھر مان ڏينھن ڏٺي جو لکين رپين جي چوري, چور سونا زيور روڪ رقم سميت گھر جو اله تلھ ٻھاري ويا.  جڏھن ته ڪجهه ڏينھن اڳ سينئر صحافي ڪامران ميمڻ جي گھران پڻ لکين رپين جي چوري ٿي جنھن بعد ٻيھر شھر مان چوريون، ڦرن جي واقعن شھرين کي سخت پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو, ھوڏانھن شھر جي مير حسن محلا واسي گلزار لاکي جي گھران نامعلوم چور سونو سيٽ، موبائيل، سونا زيور، 60 هزار روڪ رقم کڻي ويا. متاثر ڪٽنب جي ڀاتين ٻڌايو ته فيملي شھر مان شاپنگ جي لاءِ وئي ته پويان چور گھر ٻھاري ويا، ٻئي طرف شھر جي سياسي، سماجي ڌرين صحافين کي ٻڌايو آھي ته نئين ايس ايس پي جي اچڻ سان اميد پيدا ٿي ته شھر ۾ سماجي برايون، چوريون ڌاڙا بند ٿي ويندا پر ڪجھ سازشي ماڻھو ايس ايس پي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ اھڙيون حرڪتون ڪري رھيا آھن ھنن ٻڌايو ته شھر ۾ منشيات جو ڪاروبار تيزي سان وڌندڙ آھي پر پوليس جا ڪجھ عملدار ان ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث آھن جيڪي منشيات وڪرو ڪندڙ گروهه ۽ ڏوھارين جا ساٿاري بڻيل آھن, ان ڏس ۾ شهرين مطالبو ڪيو ته شهر ۾ امن امان کي خراب ڪندڙ گروهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.