ڪراچي ۾ ويڪسينيٽر سراپا احتجاج، صحت کاتي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت طلب

ڪراچي (رپورٽ: صادق سومرو) سنڌ جي  مختلف ضلعن جي احتجاج ڪندڙ ويڪسينيٽرن جون صحت کاتي جي عملدارن سان ڳالهيون، ،مطالبا حل ڪرڻ جي خاطري،پي ڊي ارشاد ميمڻ ٻه جائز مطالبا حل ڪرائڻ جي خاطرائي ڪرائيندي ٻن ڏينهن جي مهلت گهري ورتي، ان ڏس ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو گذريل8 ڏينهن کان احتجاج ڪندڙ ويڪسينيٽرن سان ڳالهين لاءِ ڪالهه اي پي آءِ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ارشاد ميمڻ ڪئمپ تي پهچي ويو، ڳالهين دوران پي ڊي ملازمن جو ٽائيم اسڪيل وارو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو ۽  برطرف ٿيل 336 ملازمن جي بحالي وارو به مسئلو کاتي طرفان قانوني طريقي جلد حل ڪنداسين،هن چيو ته برطرف ٿيل کي  عدالتي حڪم کانسواءِ بحال ڪري  نٿو سگهجي هن معاملي تي قانوني رستو اختيار ڪري جلد ملازمن کي بحال ڪيو ويندو،جڏهن ته ٽائيم اسڪيل جي سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻينداسين ، ٽائيم اسڪيل جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو،گذريل ڏينهن ويڪسينيٽر ويلفيئر ايسوسيئيشن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ سي ايم  هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش،پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون،ان دوران پوليس  30 کان وڌيڪ ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو،جنهن ۾ مولابخش چانڊيو،  سلطان کوسو ،غياث الدين، اصغر چانڊيو، خدابخش قريشي ۽ ٻيا شامل، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ارشاد ميمڻ ٿاڻي پهچي گرفتار ٿيل اڳواڻن کي آزاد ڪرايو ۽ ٻن ڏينهن  جي اندر ٻئي مطالبا حل ڪري ڏيڻ جي خاطري ڪرائي،جنهن بعد اڳواڻن ته جيستائين صحت کاتو برطرف ڪيل 336ويڪسينٽرن کي بحال نه ڪندي ۽ ٽائيم اسڪيل ۽ اپگريڊيشن نه ڏيندي  تيستائين تنظيمي هڙتال جاري رهندي ۽ روبيلا ميزلز جي ايندڙ ڪيمپيئن۔جو بائڪاٽ ڪندي جڏهن ته ليڊي هيلٿ ورڪر ايسوسيئيشن ۽پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن اڳواڻن ڪراچي پريس ڪلب تي پهچي ڌرڻي جي حمايت ڪندي ميزلز ۽ روبيلا ڪيمپيئن جي بائيڪاٽ جي حمايت جو اعلان ڪندي ويڪسيينيٽرن جي مطالبن مڃڻ تائين ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي خالد حسين مري،الله بخش مري، الله بخش سنگراسي به ڪئمپ تي موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.