چئن ماڻهن جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي جنم ٽيپ جي سزا رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  چئن ماڻهن  جي قتل ۾ سزا جي خلاف اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي عادل حسين ۽ عبدالباسط جي اپيل منظورڪندي ماتحت عدالت جو فيصلو  رد ڪري ڇڏيو آهي. جوابدارن کي ماتحت عدالت عمرقيد ۽ ڏنڊ جي سزا ڏني هئي.جوابدارن تي 2013ع ۾ ماڙي پور ٿاڻي جي حد ۾ ڪسٽم ڪالوني ۾ منيزه جي گهروارن کي قتل ڪرڻ جو الزام هو .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته صرف منيزه جي شاهدي تي يقين نٿو ڪري سگهجي عدالت ۾ جوابدارن جي وڪيل چيو ته قتل جي واردات ايم ڪيو ايم ۽ گينگ وار جي  تڪرار سبب ٿي .پوليس پنهنجي ڪارگردگي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ بي گناهه ماڻهو کي گرفتار ڪيو. 03

  • اڳوڻي ڊائريڪٽر شاهد جميل جي هٽائڻ  جو نوٽيفڪشن معطل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ اڳوڻي ڊائريڪٽر بلڊنگ ڪنٽرول  اٿارٽي شاهد جميل احمد جي هٽائڻ  جو نوٽيفڪشن معطل ڪري ڇڏيو آهي .عدالت ڌرين کي چئن هفتن ۾ رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت ۾ بئريسٽرصلاح الدين وڪيل شاهد جميل بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڊائريڪٽر۽ ليگل سيڪشن جو سربراهه هو .03

  • ڪراچي ۾ پوليس جون ڪارروايون، 21 منشيات فروش گرفتار

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو )  ڪراچي پوليس جون ڪارروايون 21 ماوا گٽڪا منشيات فروش گرفتار ويسٽ پوليس ڪارروائي ڪندي ماوا گٽڪا منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن محمد اڪبر ولد محمد اشرف کان 165 ×ماوا گٽڪن جا پاڪيٽ جنهن ۾ 18150 عدد پڙيون ماو گٽڪا برآمد ڪيا ويا پير آباد پوليس منشيات فروش منظور مگسي جڏهن ته ڪراچي سينٽرل ضلعي پوليس ڪارروائي ڪندي 17 ماوا گٽڪا منشيات فروش گرفتار ڪري ورتا ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري موجب ڪياماڙي پوليس ڪارروائي ڪندي ماوا گٽڪا فروش ڊيلر  محمد امجد عرف ڊانسر کي گرفتار ڪري ورتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.