رستم ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي، ٽن ڪلاڪن تائين فائرنگ، پوليس بيوس

لکي غلام شاھ(رپورٽ: نديم جان مهر) رستم لڳ ڳوٺ فضلي جتوئي ۽ غازي سعدخاناڻي ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسي جتوئي برادري جي چئن ڌرين ڪمالاڻي سعدخاناڻي عطراڻي گهراڻي  وچ ۾ هلندڙ ڪارنهن  تڪرار تان ڳوٺ گونو جتوئي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو يارمحمد عرف متارو عرف مدو ڪمالاڻي قتل ٿي ويو جڏھن ته 2 ڄڻا اڪبر ڪمالاڻي ۽ عطا محمد عرف عطو ڪمالاڻي زخمي ٿي پيا.ڌرين وچ ۾ ٽن ڪلاڪن تائين هڪٻئي خلاف فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ ڏھڪاء پکڙجي ويو .اطلاع باوجود رستم پوليس ٽن ڪلاڪن بعد راڄوڻي ڪوشش ڪري لاش هٿ ڪري خانپور اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائي مقتول جو لاش وارث عورتن حوالي ڪري ڇڏيو جڏھن ته زخمي 2 ڄڻن کي قتل جي ڊپ کان مقامي سطح تي زيرعلاج رکيو ويو آھي ٻئي طرف لاش وصول ڪرڻ لاءِ خانپور اسپتال پهتل عورتن مسمات ماروي ڪمالاڻي  مسمات ليلان ڪمالاڻي صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو آھي ته علائقي جي بااثر ڌر جي ناراضگي سبب ڳوٺ تي حملو ڪرايو ويو آھي جنهن ڪري اطلاع ڏيڻ باوجود شڪارپور پوليس تماشو ڏسندي رهي آھي لاش جي پوسٽ مارٽم لاء پڻ پرائيويٽ گاڏي ۾ کڻائي پوليس وٽ پهچايو آھي .پوليس نٿي چاهي ته جهيڙو ختم ٿئي تنهن ڪري پوليس مان انصاف جي اميد به گهٽ آھي .ٻئي طرف مقتول جو لاش ڳوٺ گونو ڪمالاڻي پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو . آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نٿي سگهيو نه ئي گرفتار عمل ۾ اچي سگهي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.