اي پي ايس سانحي ۾ انٽيليجنس ناڪامي کانپوءِ ايڪشن پلان جڙيو: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اي پي ايس سانحي پاڻمرادو نوٽيس تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي عدالتي حڪم جي تعميل ڪئي، هي اهو احترام آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي حڪومت پنهنجي ادارن جو ڪري ٿي، اي پي ايس سانحي تي پوري قوم جي دل ڏکويل آهي، چار هفتن ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي اڳڀرائي بابت رپورٽ جمع ڪرائينداسين، انٽيليجنس ناڪامي نائن اليون واقعي ۾ به ٿي، اي پي ايس سانحي ۾ انٽيلي جنس ناڪامي کانپوءِ پاڪستان جي سياسي قيادت نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو، ملڪ مان دهشتگردي کي پاڙ کان ختم ڪيو ويو، نيشنل ايڪشن پلان کانپوءِ اڄ اسان جون زندگيون نارمل ٿيون آهن، امن قائم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن،  اڄ به اسان انهي نيشنل ايڪشن پلان کي اڳتي وٺي هلي رهيا آهيون. انتظاميا، عدليه ۽ باقي ادارن سميت سمورن ادارن کي پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.