سينيٽ اجلاس جو وقت تبديل ٿيڻ تي صادق سنجراڻي جي معذرت

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ چيئرمين چيو آهي ته چار سالن ۾ پهريون ڀيرو سينيٽ جي اجلاس جو وقت تبديل ٿيو آهي، ان تي معذرتخواهه آهيان.ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ ريمارڪس ڏيندي هن چيو ته سينيٽ چيئرمين طور سندس مدي دوران چار سالن ۾ پهريون ڀيرو ايوان جي اجلاس جو وقت تبديل ڪيو ويو آهيسيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اجلاس ۾ دير ڪرڻ بدران ڊپٽي چيئرمين يا پينل آف پرزائيڊنگ آفيسرز جا ميمبر جيڪڏهن اجلاس شروع ڪري ڇڏين ها ته ان ۾ ڪو حرج نه هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.