پارليامينٽ ميمبرن جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻ ڪو احسان ناهي: علي محمد خان

اسلام آباد(م ڊ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿئي يا نه قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس ٿي رهيا آهن، پارليامينٽ ميمبرن جو انهن اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻ ڪو احسان نه آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ هن چيو ته ميمبرن جي اها ذميواري آهي ته اهي انهن اجلاسن ۾ شرڪت ڪن، هن چيو ته  پاڪستان ۾ ماضي ۾ دهشتگردي افغانستان مان را جي ڪئمپن مان ٿيندي هئي، حساس ادارن جي سمورن معاملن تي نظر آهي، دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته معاملا بهتر ٿيڻ ۾ وقت لڳندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.