خورشيد شاهه جون شهبازشريف ۽ فضل الرحمان سان ملاقاتون

اسلام آباد(م ڊ) پ پ جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه اپوزيشن ليڊر شهبازشريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پارليامينٽ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو، شهبازشريف ملاقات ۾ خورشيد شاهه کي ضمانت تي ازادي تي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن پارلياماني ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،۽ گڏجي حڪومتي قانونسازي روڪڻ تي اتفاق ڪيو، شهبازشريف چيو ته قانونن جي منظوري کي بلڊوز ڪيو ويو ته اپوزيشن سخت ردعمل ڏيندي، بعد ۾ خورشيد شاهه مولانا فضل الرحمان جي گهر ويو،فضل الرحمان کيس آزادي تي مبارڪباد ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.