حڪومت پارليامينٽ ۾ اڪثريت وڃائي ويٺي، بي اعتمادي رٿ جا امڪان

لاهور (عوامي آواز نيوز) حڪومت اوچتو وڏي قلابازي ڏني آهي لڳي ٿو ته پارليامينٽ ۾ اڪثريت وڃائي ويٺي آهي، گذريل ڏينهن گڏيل پارليامينٽ جو حڪومت اجلاس سڏايو هو جنهن ۾ 30 لڳ ڀڳ قانونن کي بلڊوز ڪرڻجو منصوبو جوڙيو ويو هو ، هڪ ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ ۽ اتحادين جو گڏيل پارلياماني اجلاس ٿيو هو جنهن کي  خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان هدايت ڏني هئي ته سڀاڻي سمورا ميمبر جهاد بڻجي اچن، ڇو ته جيڪي قانون بلڊوز ڪرڻا هئا انهن ۾ احتساب ۽ نيب بابت 2 آرڊيننس ۽  اسٽيٽ بئنڪ بابت قانون شامل هئا، ان کان وڌيڪ چونڊ سڌارن وارو اهو بل به شامل هو جنهن ۾ اليڪٽرانڪ مشين ذريعي ووٽنگ ۽ پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ شامل هو پر حڪومت اوچتو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي مخالف ڌر سان ڳالهين جو چيو ويو، نامياري صحافي ۽ تجزئي نگار امتياز عالم ” بدلو“ جي نشريات ۾ تجزيو ڪندي چيو  ته ايم ڪيو ايم  ۽ ق ليگ اي وي ايم جي حمايت ڪرڻ کان حڪومت کي صاف جواب ڏنو  ان کان اڳ ايم ڪيو ايم اڳواڻن پريس ڪانفرنس ۾ اهو به چيو هو ته وڌندڙ مهانگائي سبب عوام کي منهن ڏيڻ مشڪل ٿي ويو آهي، ان ڪري حڪومت ۾ رهڻ يا نه رهڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، چيو وڃي ٿو ته ٻن اهم شخصيتن حڪومت سان رابطو ڪيو آهي، جنهن ڪري اجلاس ملتوي ڪيو ويو پر نظر اهو اچي رهيو آهي ته حڪومت پارليامينٽ ۾ اڪثريت وڃائي چڪي آهي، وري جڏهن کان هڪ صفحو لڏي ويو آهي، عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ويڇا وڌي ويا آهن، تڏهن کان جيڪا پس منظر مان ازغيبي حمايت ملندي هئي ۽  اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي فون ٿيندا هئا هاڻي اها صورتحال به نه رهي آهي، گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ قومي اسيمبليءَ ۾ حڪومت کي ان وقت شڪست آئي جڏهن نواز  ليگ ميمبر  کي خانگي بل تي 117 ووٽ مليا جڏهن ته حڪومتي  ميمبر کي بل تي 103 ووٽ مليا ان ڪري هاڻي نظر اهو اچي  رهيو آهي ته جهڙي يوسف رضا گيلاني کي مخالف ڌر اڳواڻ چونڊرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ صورتحال پيدا ٿي هئي  ۽ يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ کڻي ڪامياب  ٿيو هو جڏهن ته حڪومت جو اميدوار ان وقت ناڻي  وارو قلم دان سنڀاليندڙ  حفيظ شيخ 164 ووٽ کڻي  5 ووٽن تان هارائي ويو جڏهن  ته 7  ووٽ رد ٿي ويا هئا. اها ئي صورتحال قومي  اسيمبليءَ  ۾  به پيدا ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته بلوچستان ۾ آيل تبديلي ۽ باپ ۾ اختلافن جو اثر به پي ٽي آءِ حڪومت تي اثر انداز ٿيو آهي، سو حڪومت لاءِ خطري جون گهنٽيون وڄي ويون آهن، حڪومت کي اندازو ئي نه هو ته  ائين زمين پيرن هيٺان کسڪي ويندي، اسلام آباد ۾ سازشي مهم تيز ٿي وئي آهي، بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف ۾ ويجهڙائي وڌي رهي آهي. ان ڪري مخالف ڌر ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته بي اعتمادي رٿ اچي سگهي ٿي. ان کان اڳ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن ) ۽ آزاد اميدوار گڏجي بوزدار خلاف بي اعتمادي رٿ آڻي سگهن ٿا، ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ وارو نئون گروپ به حمايت ڪري ڇڏي، مخالف ڌر ان تي به اٽڪيل آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهين وارو معاملو ايوان ۾ آندو وڃي ۽ شرط طئه  ڪيا وڃن، قومي اسيمبليءَ ۾ ته جيڪو 172 ووٽ کڻي اهو وزيراعظم  ٿي سگهي ٿو، سوهاڻي جڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڳالهيون ٿينديون ته ٻئي ڌريون پتاکيڏنديون ۽ پنهنجا پنهنجا نمبر چيڪ ڪنديون جيتوڻيڪ عمران خان جي اها خوش قسمتي آهي ته مخالف ڌر کي هاڻي  حڪومت  ڪرڻ ۾ دلچسپي نه آهي. ان هوندي به تبديلي آئي ۽ 6 مهينن لاءِ وقتي حڪومت جڙي ته ان ۾به ن ليگ وزيراعظم لاءِ گهڻي پر جوش نه آهي ان ڪري پ پ جو  ڪو ماڻهو وزيراعظم  ٿي سگهي ٿو ان لاءِ راجا پرويز اشرف جو نالو کنيو پيو وڃي پر تصديق نه آهي، هوڏانهن اهي به اطلاع آهن ته پي ٽي آءِ جا 50 ميمبر  اهو چئي چڪا آهن ته ايندڙ چونڊن ۾ هو پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊ نه وڙهندا، ان ڪري عمران خان هن وقت انتهائي ڪمزور پوزيشن ۾آهي، عدالت به اي پي ايس ڪيس ۾ کيس گهرائي ڇنڊ پٽي آهي ته حملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿي آهي. سو صورتحال تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي ڊسڪه اليڪشن ۾ ڌانڌلي واري رپورٽ تي به ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي، ان ڪري حڪومت لاءِ ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.