اتحادين وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو:شيخ رشيد

اسلام آباد(م ڊ)گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ کي يقين ڏياريو آهي ته اي پي ايس سانحي جي ذميوارن کي بي نقاب ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن عدالت کي نواز شريف گهربل آهي ته 24 ڪلاڪن اندر گهرو وزارت نواز شريف جي واپسي لاءِ پاسپورٽ ۽ ضروري دستاويز فراهم ڪندي،ٻئي پاسي شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ شفاف چونڊن جو خواهشمند آهي، مانجهاندي ۾ سمورين اتحادي پارٽين جي ميمبرن وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.