سرداري نظام خلاف سنڌ ۾ هلچل، شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سرداري نظام نامنظور، جاگيرداري نظام نامنظور، سنڌ ۾ احتجاج جاري،شهيد ناظم جوکيو کي  ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سڏ تي اديب ننگر چنا، ڪامريڊ سينگار نوناري، پروفيسر ستار سومرو، اظهر (امر) منگي، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو، استاد جاويد ڳنواس ۽ ٻين پاران ٽائون حال نصيرآباد ۾ ميڻ بتيون ٻاري، گل رکي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو، ته شهيد ناظم جوکيو ڌرتي ۽ ماحول دوست هيو، کيس عرب شڪارين جِي چرچ تي تشدد ڪري قتل ڪندڙ تر ڀوتار ۽ حڪمران ڌر جي ايم پي اي اويس گهرام جوکئي ۽ چرچ ڏيندڙ عرب کي اسلامي قانون موجب قتل جِي سزا ڏني وڃي، دڙي جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ساڃاھ وندن عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز، عزيز ميمڻ ،جي يو آءِ جي حافظ عبدالغفور ميمڻ ،زبير سونارو ،جسقم جي ڪامريڊ عزيز سومرو، انور ملاح ، ماما منٺار دايو ،حاجي خان عباسي،سينيئر صحافي غلام مصطفي ڪڇي، صحافي طلعت آڪاش ڀٽي ۽ ٻين سنڌ جي حقيقي ترجماني ڪندڙ روزاني عوامي آواز پاران اعلانيل نعري سرداري نظام کان ڇوٽڪارو جي ڀرپور آجيان ڪندي چيو آهي ته سرداري نظام سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي لاءِ ناسور آهن سردار ۽ ڀوتار سنڌ جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن سرداري نظام جي خاتمي سان ئي سنڌ خوشحال ٿي سگهي ٿي ،هوڏانهن  ناظم جوکيو جي قاتلن کي ڦاسي ڏيڻ لاءِ صحافي اتحاد ۽ پريس ڪلب سانگهڙ پاران احتجاجي مظاهرو ناظم جوکيو جي قتل ۾ ملوث ايم پي اي جي ميمبر شپ معطل ڪرڻ جو مطالبو. ان موقعي تي صحافي محمد حسين بلوچ صحافي اتحاد جي صدر انجم آفتاب نظاماڻي، پريس ڪلب سانگهڙ جي صدر رضا خان پٺاڻ، اسلم ميمڻ، خدا ڏنو ڪاڇائي، منور شاھين، غلام رسول ناريجو، رياض عسڪري، جبار نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته ناظم جوکيو جو اھڙو وڏو گناهه نه هو، جو کيس اذيتون ڏئي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. هوسڙي پريس ڪلب ۾ ناظم جوکيو جي تصوير آڏو گل رکي ڏيئا ٻاريا ويا. ان موقعي تي آڪاش چانڊيو، مختيار وڪو، پپو شورو، نثار بالادي، ڊاڪٽر قيوم راهمون ۽ ٻين شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪئي. شهيد ناظم جوکيو ۽ فھميدہ سيال جي قتل  خلاف جمال شاھ پريس ڪلب اڳيان سياسي سماجي تنظيمن، شهرين محمد خاصخيلي،گلاب خاصخيلي، علي گل مھر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،فهميدا سيال کي قتل ڪرڻ،ڪلام پاڪ کي شهيد ڪرڻ ۽ ملير ۾ شهيد ناظم جوکيو کي جنگلي جيوت جو شڪار ڪرڻ کان روڪڻ تي سردارن پاران کيس تشدد ڪري قتل ڪرڻ خلاف جاتي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران نور محمد ٿهيمور،وفا حسين شاه،عادل لغاري،رزاق ٿهيم،ذوالفقار ترڪ،خادم ونگائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،جاتي ۾ ميڻ بتيون ٻاري ايثال ثواب لاءِ دُعائون گهريون ان موقعي تي اڳواڻن ذوالفقار ترڪ،وفا حسين شاه،عادل لغاري،عبدالرزاق ٿهيم ۽ ٻين خطاب ڪيو، مٺياڻي ۾ سنڌ ڊووٽرز فورم طرفان مسرور چانڊيو ـ محبوب ملاح ۽ ڀورل ڀٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، شھدادپور ۾ جسقم طرفان وزير ڪلھوڙو، ايڊووڪيٽ آصف انڙ، اعجاز مگسي حبيب الله ڪلوئي، پيار علي مشوري، ماجد باگراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺل ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جسقم، ايس يو پي،ايس ٽي پي،جي يو آٰءِ،جست سميت ٻين پارٽين پاران آدرش بنگلاڻي ،آصف جوش ٻرڙو، نظام الدين ،امام الدين سرڪي،سڪندر ڪنراڻي،علي گوهر سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

  • گهوڙاٻاري جي سامونڊي پٽي ۾ پرديسي پکين جو شڪار

گھوڙاٻاري ( رپورٽ: سيد امير شاھ ڀاڏائي ) گھوڙاٻاري جي ساحلي پٽي ۾ پرديسي پکين جو قتلام، وائلڊ لائيف کاتو پکين بدران شڪارين جو محافظ، سيارو شروع ٿيندي ئي ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، گھوڙاٻاري، ڳاڙھو، ۽ ور شهر جي ڍنڍن تي مھمان پکين جي آمد شروع،شڪارين پاران بندوقن سان آجيان، مراداڻي، ھجامڙو، ٽيٽارو، پير محفوظ شاھ، لڪڙو، ڇڇ، اڇ ۽ ٻين ڍنڍن تي شڪارين ديرا ڄمائي ڇڏيا ناياب نسل جا پکي ماري وڪرو ڪرڻ لڳا،سائيبريا ۽ ٻين ملڪن کان ايندڙ پکين جي نسل ڪشي تي وائلڊ لائيف کاتو ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ شڪارين جو سھولتڪار بڻيل آهي،ساحلي پٽي جي مختلف ڍنڍن مراداڻي، حجامڙو، ٽيٽارو،  دالي، ليٽ، مھيو٫ اڇ ڍنڍ،  لڪڙو ڍنڍ، سومرا ڍنڍ، ڇڇ ڍنڍ، پير محفوظ شاھ ڍنڍ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ سائبيريا کان آيل مهمان مسافر پرڏيھي پرديسي پکين جي آمد سياري جي مند اچڻ شرط شروع ٿي وئي آهي.

  • سرداري نظام مان ڇوٽڪارو سڄي ملڪ جي عوام جو گڏيل نعرو هجڻ گهرجي: ترقي پسند بلوچ اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) ترقي پسند بلوچ اڳواڻن، عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو “سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو” جي عنوان ھيٺ ملھائڻ کي انتھائي وقتائتو قدم قرار ڏيندي چيو آھي تھ سرداري نظام کان ڇوٽڪاري وارو نعرو سنڌ سان گڏ سڄي ملڪ جي عوام جو گڏيل نعرو ھجڻ گھرجي، سنڌ ۾ سردار، جاگيردار ۽ وڏيرا عوام دشمن عملن ۾ ملوث رھيا آھن تھ بلوچستان ۾ بھ سردارن جو ساڳيو حال آھي، اھڙي طرح پنجاب ۽ خيبرپختونخواھھ ۾ خانن ۽ چوڌرين جي حاڪميت قائم آھي، عوامي آواز سان ڳالھائيندي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر ۽ نامياري بلوچ اڳواڻ ڊاڪٽر حئي بلوچ، عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران سنڌ جي ثقافت جي ڏھاڙي کي “سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو” جي سري ھيٺ ملھائڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي چيو تھ اسان عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ان نعري سان گڏ آھيون، عوامي آواز ميڊيا گروپ تمام زبردست نعري جي چونڊ ڪئي آھي، ھي عوام دوست نعرو آھي، ھن نعري کي وڏي پذيرائي ملندي، عوامي آواز سدائين عوام جو آواز بڻي آھي. ھن چيو تھ جديد دور ۾ روايتي سلسلا ھاڻ ختم ٿيڻ گھرجن، سرداري نظام پراڻي روايتي اسٽيبلشمينٽ آھي، سرداري نظام کي اسلام آباد کان طاقت ملي ٿي، اسلام آباد ۾ بھ ويٺل غير جمھوري قوتون آھن ھن چيو تھ پھريان رويتي پراڻا جاگيردار اسان جي سامھون ھئا ھاڻ بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سميت ٻين ميگا منصوبن جي ذريعي نوان جاگيردار ۽ سرمائيدار اسان جي سامھون اچي رھيا آھن،نيشنل پارٽي جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر اسحاق بلوچ ڳالھائيندي چيو تھ سرداري ۽ جاگيرداراڻو نظام سماج جو فرسودھ نظام آھي، ھي نظام سماج جي ترقي خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي وارن ڪمن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آھي. ھن چيو تھ نيشنل پارٽي سدائين سرداري ۽ جاگيرداراڻي نظام خلاف رھي آھي، سڄي ملڪ ۾ زرعي سڌارا آندا وڃن، جمھوري وطن پارٽي جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ نامياري بلوچ اڳواڻ رئوف خان ساسولي چيو تھ عوامي آواز ميڊيا گروپ تمام زبردست نعري “سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو” ھيٺ سنڌ جي ثقافت جو ڏھاڙو ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي، اھو نعرو سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي بيلٽ جو بھ گڏيل نعرو ھجڻ گھرجي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چوڌري ۽ خان بھ اھڙا ئي ظالم آھن، سنڌ ۽ بلوچستان ۾  سرداري نظام جو ظلم آھي، سردارن، جاگيردان، خانن ۽ چوڌرين خلاف سڄي ملڪ جي ترقي پسندن کي گڏجي جدوجھد ڪرڻ گھرجي. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي جاگيردارن ۽ (ن) ليگ سرمائيدارن جي تنظيم آھي، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ خان ۽ سردار بھ اقتداري پارٽي جي پاسي بيٺل ھوندا آھن.

  • جماعت اسلامي بدبودار جاگيرداراڻي نظام جو خاتمو چاهي ٿي: محمد حسين محنتي

ڪراچي/ دادو (رپورٽر+ڊر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته حڪومت مهانگائي ۽ بيروزگاري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي،اهڙو اظهار هن  دادو ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي امير مولانا واحد بخش ٻٻر، مقامي امير شمس الدين، الخدمت جو ضلعي صدر محمد موسى ۽ صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو هو، پر قرآن ۽ شريعت جو نظام نافذ نه هئڻ جي ڪري اڄ مهانگائي، بيروزگاري، وڏيرن جي غنڊه گردي سميت ظلم ۽ جبر جو راڄ هلي رهيو آهي، ملير ۾ وڏيرن هٿان شهيد ناظم جوکيو ۽ قمبرعلي خان ۾ ڀيڻ فهميده سيال جو بيدردي سان قتل ۽ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ظلم جي انتها ۽ سنڌ ۾ جهنگ جي قانون جي عڪاسي ڪري ٿو، ميهڙ جي اُم رباب گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي پيارن جي قتل خلاف ۽ انصاف لاءِ ڪورٽن جا چڪر هڻي رهي آهي، پر انصاف ۽ قانون گونگا ٻوڙا بڻيل آهن، انڪري جماعت اسلامي هن ظالماڻي ۽ بدبودار جاگيرداري نظام جو خاتمو چاهي ٿي

  • قمبر ۾ جي يو آءِ جو گهنوراسراڻ خلاف ڌرڻو

قمبر(ڊ ر)  خيرپور جوسو واقعي ۾ پ پ ايم پي اي گنهور اسراڻ جي والد شهيد اسراڻ طرفان مقتولا فهيده سيال جي قتل ۽ ڪلام پاڪ کي گولي هڻي شهيد ۽ بي حرمتي خلاف جي يو آئي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي سڏ تي  انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو ڪراچي حيدرآباد ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي اڳواڻن حافظ عزير گل جاگيراڻي گل انقلابي ۽ ٻين چيو ته پ پ ايم پي اي گهنور اسراڻ ۽ سندس والد شهيد اسراڻ قرآن پاڪ جي به حرمتي ڪري مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي هن ملڪ ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ يا وري ملڪ جي جهنڊي جي به حرمتي ڪندڙ خلاف ايف آئي آر ٿي سگهي ٿي ۽ سزائون به ڏنيون وڃن ٿيون ليڪن قرآن پاڪ جي به حرمتي ڪندڙ خلاف ايف آئي آر داخل ڪو نه پئي ڪئي وڃي پ پ ايم پي اي گنهور اسراڻ ۽ ان جي والد شهيد اسراڻ مٿان توهين قرآن پاڪ جي ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو

  • ناظم جوکيو ڪيس ۾ وڌيڪ 3 جوابدار  عدالت پيش

ڪراچي (رپورٽر)ملير جي عدالت ۾ عرب شهزادن کي شڪارکان منع ڪرڻ ۽ وڊيو ٺاهڻ تي ناظم جوکئي قتل ڪيس جي وڌيڪ 3 جوابدار رزاق ،معراج ۽ جمال کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي .عدالت 16نومبر تائين جسماني رمانڊتي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي .عدالت ۾ جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدارن وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ ناظم جوکيو کي ڌممڪيون ڏنيون .ڪيس ۾ ايم پي اي ڄام اويس سميت 6 ماڻهو گرفتار آهن .03

 

  • ڪاڇي ۾ عرب شڪاري تلور جي شڪار لاءِ پهتل، پنهنجي زمين نوگوايريا بڻائڻ تي آبادگارن جو احتجاج

جوهي(رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو  ) جوهي جي رهواسي زميندا ر حاجي احمد جمالي ،عبد الله جمالي ،سمير جمالي ،رفيق جمالي ،حاجي بچل گهراماڻي جمالي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آھي ته اسان جي ڳوٺ هوتخان جمالي ،جيئند جمالي، هاشم جمالي  ديھ توڪ ۽ ڪڪڙاني ۾ اسان جي ذاتي زمين آھي جتي اسان جي ذاتي زمينن تي عرب شڪاري زبردستي سهولتڪارن  سان گڏجي ڏاڍ  جي زور تي تلور جو شڪار ڪري رهيا آھن منع ڪرڻ تي حملو ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اسان جي زمين تي 25 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيو آھي جتي سرنهن جو فصل پوکيو آهي جنهنکي عرب شڪارين جا راکا لتاڙي نقصان ڪري رهيا آھن هنن چيو ته  سائبر روس ۽ ٻين ملڪن  کان هر سال ٿڌ جي شروعاتي موسم ۾   پرديسي پکين جو سر عام قتلام ڪيو پيو وڃي جنهن جي قتل خلاف هن ملڪ اندر ڪاب قانون سازي نظر نه پئي اچي ڪاڇي اندر گلو بٽ راکا پنهنجي مرضي ۽ طاقت جو غلط فائدو وٺندي انسانن جي تذليل ڪري رهيا آھن هنن چيو ته اسانکي پنهنجي اباڻين زمينن ڏانهن نه پيو ڇڏيو وڃي پنهنجي ذاتي زمينن ڏانهن وڃڻ تي به پابندي آهي اسان لاءِ پنهنجي زمين راکن نو گو ايريا بڻائي ڇڏي آھي ، سندن چوڻ آهي ته مقامي سهولتڪار چند ڏوڪڙن عيوض علائقي واسين لاءِمصيبت پيدا ڪري رهيا آهن ،قانون جي حڪمراني نظر نه پئي اچي ھنن سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس کان  پرزور  مطالبو ڪيو آھي  ته ڪاڇي اندر شڪار تي پابندي لڳائي شڪار ڪندڙن خلاف سخت قانوني  ڪارروائي ڪئي وڃي ، \

 

  • سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران عوامي آواز جي اعلان جي آجيان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌيوٿ ايڪشن ڪميٽي عوامي آواز جي نعري جي حمايت ڪري ڇڏي، سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته پکين جي آجپي لاءِ سياسي ڀوتارن ھٿان بيدردي سان قتل ٿيل شھيد ناظم جوکيو سان ھمدردي طور سنڌ جي ناليواري اخبار روزاني عوامي آواز پاران ”سنڌ جو نعرو، سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ واري مھم جي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي دل سان آجيان ڪري ٿي، اميد ته سنڌ جون ٻيون اخبارون ۽ ٽي وي چينل به سردارن، ڀوتارن، ميرن، پيرن ۽ وڏيري کان پنھنجي بيزاري جو اعلان ڪنديون.

  • پ پ سنڌ ۾ جاگيردارن کي مضبوط ڪري رهي آهي: قادر مگسي

حيدرآباد(پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 18 نومبر تي سڄي سنڌ جي ضلع ھيڊڪواٽرن ۾ شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي پھرين ورسي ملھائڻ، 19 نومبر تي ٽنڊوالھيار ۾ شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي ورسي جي مناسبت سان عوامي جلسو ڪيو ويندو. جڏھن ته7 ۽ 8 جنوري تي قومي ڪانگريس سڏائي ويندي جنھن ۾ ايندڙ ٻن سالن لاءِ مرڪزي باڊي جي چونڊ ڪئي ويندي . اھڙا فيصلا سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي ورڪنگ ڪميٽي جي  اجلاس ۾ ڪيا ويا. اجلاس جي صدارت سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي ڪئي ،جنهن ۾  ڄام عبدالفتاح سميجو، گلزار احمد سومر ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ, هوت خان گاڏهي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته عمران نيازي حڪومت مڪمل ناڪام وئي آھي ،ساڳي صورتحال سنڌ سان به آھي پيپلزپارٽي سنڌ جي جاگيردارن کي ڏينهون ڏينهن مضبوط ڪري رهي آھي. سنڌ جي ماڻهن جي نجات جو هڪ ئي حل آھي ته سنڌ دوست، ترقي پسند قومپرستن کي ووٽ ڏئي پارليامينٽ تائين پهچائين. ٻي طرف ڊاڪٽرقادرمگسي ناليواري ليکڪ شوڪت حسين شورو ۽ سيد ارشاد حسين شاھ بخاري جي وڇوڙي تي افسوس جو اظھار ڪيو.

  • ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ خلاف ڪارروائي ڪريو:حليم عادل جو وزيراعظم کي خط

ڪراچي(رپورٽر) فهميده سيال قتل واري واقعي ۾ پوليس جي غير ذميواري واري عمل جي خلاف حليم عادل شيخ وزير اعظم عمران خان کي خط لکي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سُمير نور چنا جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو حليم عادل شيخ خط ۾ ڄاڻايو آهي ته فهميده سيال جي قتل کان اڳ پوليس سندس ڪٽنب جا ماڻهو بنا ڪنهن وارنٽ جي گرفتاري ڪري زمين خالي ڪرڻ تي زور ڀريو هو فائرنگ واري واقعي ۾ پوليس اهلڪار موجود هئا پوليس هڪ طرفي ڪردار رهيو آهي فائرنگ ڀڄ ڊاهه واري واقعي ۾ سنڌ جي نياڻي فهميده سيال شهيد هٿي ويئي پر ايف آئي آر ۾ پوليس دشتگردي جا قلم به شامل نه ڪري جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ايس ايس پي جي اهڙي رويي جي ڪري سموري سنڌ جي پوليس بدنام ٿي رهي آهي. ٻئي پاسي هن چيو ته بختاور سومرو سنڌ جي نياڻي آهي کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڪنداسين.

  • ڪراچي ۾ ناظم جوکيو جي قتل خلاف سول سوسائٽي جو احتجاج

) ناظم جوکيو جي قتل خلاف سول سوسائيٽي پاران گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ سيما شيخ، نغمه شي، مهناز الرحمان ۽ ٻين چيو ته ناظم جوکيو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ ۾ سردارن ۽ ڀوتارن جي دهشتگردي وڌي وئي آهي، ناظم جوکيو جي قتل ۾ ملوث سردارن کي سخت سزا ڏني وڃي، هنن چيو ته جيستائين ڀوتارن ۽ سردارن کي سزا نه ڏني سنڌ ۾ ڀوتارن ۽ سردارن هٿان نوجوان قتل ٿيندا رهندا،هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي تي ناظم جوکيو جي معاملي کي سنجيدگي سان ڏسي ملوث ڀوتارن کي سزا ڏيڻ گهرجي ،هنن مطالبو ڪيو ته مطالبو ڪيو ته ناظم جوکيو جي قاتلن سزا ڏئي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي

  • لاڙڪاڻو،قمبر بار پاران اڄ هڙتال جو اعلان، حيدرآباد بار پاران فهميده سيال واقعي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل

حيدرآباد/لاڙڪاڻو/قمبر(رپورٽر) ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي قمبر شھداد ڪوٽ کان مطالبو ڪيو آھي ته لا جي شاگرد ايڊووڪيٽ احسان سيال جي ماسي فھميدا سيال جي قتل جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر عشرت لوھار، نائب صدر ڀگوانداس ڀيل ۽ جنرل سيڪريٽري ھاشم لغاري ۽ ٻين عھديدارن پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آھي ته بار ايسوسيئيشن آئين ۽ قانون جي حڪمراني سميت انساني حقن تي يقين رکي ٿي، قمبر ۾ فھميدا سيال جي قتل وارو واقعو دھشتگردي آھي، پر اھڙي واقعي جو سنجيدگي سان نوٽيس نھ ورتو ويو آھي، قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيل آھي، پر پوليس ملوث جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار نھ ڪيو آھي، جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي، هوڏانهن لاڙڪاڻو ۽ قمبر  ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان اڄ ڪورٽن جي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان  ڪيو ويو آهي، لاڙڪاڻو  ۽ قمبر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري محمد ايوب خانزاده ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته لاڙڪاڻو بار ڊويزن ۽ قمبر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ قتل ٿي ويل فهميده سيال ۽ ڌاٻيجي ۾ قتل ٿي ويل ناظم جوکيو جي واقعي سبب خميس ڏينهن عدالتي ڪاررواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويندو

  • سرداري نظام سبب نياڻين تي تهمت، نوجوان ماريا وڃن ٿا: عبدالله شيخ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر عبدالله شيخ چيو آھي تھ جاگيرداري نظام ۽ جرڳا سسٽم سڄي ملڪ ۾ آھي، پر سنڌ جي بدقسمتي آھي تھ ھتي سرداري نظام ايترو تھ مضبوط ٿي ويو آھي جو سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي زور تي روز سنڌ جون نياڻيون ڪارو ڪاري ۽ غيرت جي نالي تي ماريون وڃن ٿيون، نوجوان ماريا وڃن ٿا، انسانن جي لاشن جي بيحرمتي ڪئي ويندي رھي آھي، ايترو تھ ظلم ڪيو وڃي ٿو جو تدفين جي بھ اجازت نھ ڏني ويندي آھي. عوامي آواز ٽي وي سان ڳالھائيندي عبداللھ شيخ چيو تھ تازو عرب شڪارين کي شڪار ڪرڻ تان روڪڻ تي نوجوان ناظم جوکيو کي سردارن پنھنجي بنگلي تي بيدردري سان قتل ڪيو،  ھن چيو تھ سنڌ ۾ سرداري، جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي نظام کي منصوبابندي تحت مضبوط ڪيو ويو، ان جي پٺيان اھي سياسي جماعتون بھ آھن جيڪي اقتدار چاھين ٿيون، سردارن جي علائقن ۾ پوليس سميت ٻيا ادارا ڪارروائي ڪرڻ جي ھمت نٿا رکن. ھن چيو تھ سياسي، سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل ماڻھن سميت ھر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻھن تي اھا ذميواري اچي ٿي تھ ھو ھن جاگيرداراڻي، سرمائيداراڻي ۽ سرداري نظام خلاف اٿي کڙا ٿين ۽ جدوجھد ڪن تھ جيئن سنڌ جو ايندڙ نسل ان ظلم۽ دھشت کان بچي سگھي.

  • سنڌ ميرن،سردارن،پيرن جي جاگير ناهي: راشد محمود

نندو ( ن ع آ )سنڌ وڏيرن ميرن، سردارن جي جاگير ناهي، سنڌ ھارين ۽ مزدورن سنڌين جي آھي. پيپلز پارٽي سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو آهي. جمعيت جي پليٽ فارم تان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن کي حق وٺي ڏيندا سين  اھڙو اظهار نندو ۾  جميت علماء اسلام طرفان رکيل عاشق رسول صه ڪانفرنس ۾ جمعيت علماء اسلام سنڌ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، ھن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جا جزيره سنڌ جون زمينون نيلام ڪيون ويون آهن سنڌ تي مسلسل 13 سال روٽي ،ڪپڙا ۽ مڪان جو ڪوڙو نعرو هڻي زرداري ليگ سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان ويساھ گهاتيون ڪيون آھن  ھن چيوته سردار اسان کي  هڪ طرف آواز اٿاريندڙ  ڳڀرن ۽ نياڻين جا لاش ٿا موڪلين ته ٻئي طرف وري مقدس ڪتاب  قرآن مجيد  کي گوليون ھڻي شھيد ٿا ڪن اهڙن بدحواس ۽ ظالم سردارن   سان حساب ٿيڻو آھي ھن بدين ضلع جي مسئلن تي خطاب ۾  چيو ته وڌيڪَ چيو ته  بدين ضلع ۾ صرف ھڪ اسپتال لاءِ ھر مھيني 17 لک 37 ھزار بجيٽ ملي ٿي پر غريب گوري لاءِ تڙپي پيو ، بدين جي پاڻي تي حڪمران جماعت جو مڪمل قبضو آھي ان موقعي تي مولانا  محمد عيسيٰ سمون، مولوي صبغت الله جوڳي، جعميت جي مقامي اڳواڻن سومار ڪنڀر ۽ ٻين  پڻ خطاب ڪيو.

  • سينيٽ ۾ ناظم جوکئي جي قتل تي احتجاج، سنڌ پوليس اسٽيٽ بڻجي وئي آهي: سيف الله ابڙو

    اسلام آباد( م ڊ) سينيٽ ۾ ناظم جوکئي ۽ مالاڪنڊ جي صحافي محمد زاده جي قتل جو معاملو اٿاريو  ويو، سينيٽر سيف الله ابڙي چيو  هو ته سنڌ پوليس اسٽيٽ بڻجي چڪي آهي. ناظم جوکئي کي ڇو قتل ڪيو ويو   آهي،  سينيٽ اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي سينيٽر  سيف الله ابڙي چيو ته 3 نومبر تي ناظم جوکئي کي قتل ڪيو ويو.  سنڌ جا جاگيردار ۽ وڏيرا  اسيمبلي جا ميمبر آهن. سيف الله ابڙي جي خطاب وقت پ پ ميمبرن  احتجاج ڪيو، جنهن تي سرڪاري ڌر جا  ميمبر به اٿي بيهي رهيا. ان موقعي تي يوسف رضا گيلاني چيو ته جن جو نالو ورتو ويو آهي، ان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سيف الله ابڙي چيو ته اهو ڪوڙ آهي. ان موقعي تي قائد ايوان شهزاد وسيم چيو ته  ڪي پي ۾ قتل تي اوهان احتجاج ڪيو، ان جو نوٽيس ورتو ويو . هن چيو ته ڇا ڪي پي وارو رت لال ۽ سنڌ جو پيلو آهي. اوهان ڪي پي جي قتل تي ڳالهه ڪيو ٿا ۽ سنڌ ۾ قتل تي ڳالهائڻ نه ٿا ڏيو . ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين ناظم جوکئي جي قتل جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته انساني جانين جي زيان تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، امن امان رياست جي ذميواري آهي ان کان پٺتي نه هٽنداسين، وڏي وزير مالاڪنڊ ۾ قتل جي واقعن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، ان جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي ويندي. سينيٽ ۾ سينيٽر بهره مند تنگي، مشتاق احمد ۽ ٻين جي اعتراض وارن نقطن جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ نوجوان جي قتل جي معاملي تي اڳوڻي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. مالاڪنڊ ۾ صحافي محمد زاده جي قتل جو معاملو قومي اسيمبلي ۾ به اٿاريو ويو هو. وڏي وزير ان جو نوٽيس ورتو، 03

     

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.