سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس جلد ادا ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پهنور تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس جلد ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي ، سنڌ حڪومت کي قانون ۾ ترميم ڪري ملازمن کي گروپ انشورنس ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .عدالت ڪليم ۾ دير ڪرڻ تي اسٽيٽ لائيف انشورنس تي ڪاوڙ جو  اظهار ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته اڍائي ارب رپين جي رقم رکي به توهان ڪليم تي ادائگيون نه پيا ڪيو، اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني تي فوجداري ڪيس هلائي سگهجي ٿو، ٻين صوبن ۾ رٽائرمينٽ کي وقت تي ئي رقم ادا ڪئي ويندي آهي،سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي 65 سال جي عمر تائين انتظار ڪرايو ويندو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.