آسٽريليا خلاف سيمي فائنل کان اڳ پاڪستان جا ٻه اهم رانديگر بيمار

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ سيمي فائنل کان اڳ پاڪستان کي وڏو ڌڪ لڳو آهي ۽ قومي ٽيم جا ٻه اهم رانديگر بيمار ٿي ويا آهن.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ قومي ٽيم سڀاڻي آسٽريليا سان مهاڏو اٽڪائيندي، جنهن لاءِ ٻنهي ٽيمن طرفان ڀرپور تياريون ڪيون پيون وڃن پر پاڪستان لاءِ بُري خبر سامهون اچي وئي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ميڊيا مئنيجر چيو آهي ته وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ۽ تجربي ڪار مڊل آرڊر بيٽسمين شعيب ملڪ فلو جو شڪار ٿي ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته ٻنهي جون ڪورونا ٽيسٽون ڪرايون ويون، جيڪي ڪليئر آيون آهن، جڏهن ته ڊاڪٽرن محمد رضوان ۽ شعيب ملڪ کي آرام ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.

هن ٻڌايو ته ٻنهي رانديگرن اڄ پريڪٽس سيشن ۾ به حصو نه ورتو، جڏهن ته ڊاڪٽر سڀاڻي صبح شعيب ملڪ ۽ محمد رضوان جو چيڪ اپ ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.