بل گيٽس کي شادي جي آڇ ڪندڙ عرب گلوڪارا ڳالهه تان ڦِري وئي

ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ڪمپني مائڪرو سافٽ جي باني ۽ دنيا جي امير ترين شخصن ۾ شمار ٿيندڙ 66 سالا بل گيٽس کي شادي جي آڇ ڪندڙ عرب گلوڪارا تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.

خليجي اخبار گلف نيوز موجب بل گيٽس کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪوويت ڄائي عرب گلوڪارا 41 سالا شمس بندر الاسلمي پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي شادي جي آڇ ڪئي هئي.

گلوڪارا بل گيٽس طرفان ڪيل اڳڪٿي بابت برطانوي خبر جو اسڪرين شارٽ شيئر ڪندي کيس ذهين ترين شخص قرار ڏنو هو.

هن بل گيٽس جي جنهن خبر جو اسڪرين شارٽ شيئر ڪيو هو ان ۾ هن سڄي دنيا جي امير ملڪن کي خبردار ڪيو هو ته مستقبل ۾ ”چيچڪ“ جي وبا سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي، انڪري هاڻي کان ئي تياري ڪري فنڊ رکيا وڃن.

بل گيٽس جي ڄاڻايل خبر کي هڪ عرب واهپيدار ٽوئيٽ ڪيو هو، جنهن کي گلوڪارا ري ٽوئيٽ ڪندي مائڪرو سافٽ جي باني کي شادي جي آڇ به ڪئي هئي.

هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بل گيٽس کي ذهين ترين شخص قرار ڏيندي چيو هو ته مان ساڻس شادي ڪرڻ چاهيان ٿي.

ان سان گڏ گلوڪارا پنهنجي مداحن کان سوال به ڪيو هو ته ڇا بل گيٽس ان جي اهڙي آڇ کي قبول ڪندو؟

جنهن کانپوءِ کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ اڻوڻندڙ ٻولي به استعمال ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ هن وضاحت ڏيندي چيو ته مان اهو ٽوئيٽ مزاق ۾ ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.