”ممڪن ناهي ته دهشتگردن کي اندر کان سپورٽ نه ملي هجي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ اي پي ايس سانحي جي ٻڌڻي دوران جج جسٽس قاضي محمد امين ريمارڪس ڏنا ته ڏوهارين کي ڳالهين جي ميز تي آڻي رهيا آهيو، ڇا هڪ ڀيرو ٻيهر سرينڊر دستاويز تي صحيحون ڪري رهيا آهيو؟

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي امين ٻڌڻي دوران چيو اطلاع آهن ته رياست ڪنهن گروهه سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، ڇا اصل جوابدارن تائين پهچڻ ۽ پڪڙڻ رياست جو ڪم ناهي؟

چيف جسٽس چيو ته ٻارن کي اسڪولن ۾ مرڻ لاءِ نٿا ڇڏي سگهون، چوڪيدار ۽ سپاهين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، اصل ڪارروائي ته مٿان کان شروع ٿيڻي هئي پر مٿيان پگهارون ۽ مراعتون وٺي هلي پيا.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو اهو ممڪن ناهي ته دهشتگردن کي اندر کان سپورٽ نه ملي هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.