حيات پتافي: شرپسندن فصل جي ديري کي باهه ڏئي ڇڏي

حيات پتافي ڀرسان ڳوٺ اسماعيل ميربحر ۾ شرپسندن فصل جي ديري کي باهه ڏئي ڇڏي.

شرپسندن پاران باهه ڏيڻ ڪري ديري تي فصل سڙي رک ٿي ويو.

متاثر ڳوٺاڻي پاران جروار ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي جنهن کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن ڄن شهزاد ۽ اربيلي ميراڻي کي گرفتار ڪري ورتو.

متاثر ڳوٺاڻي احتجاج دوران الزام هڻندي چيو ته شرپسندن رات جو فصل کي باھ ڇڏي، جنهن سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.