نوشهرو فيروز: سولنگي برادري جو مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻن جو قتل خلاف احتجاج

نوشهرو فيروز  ۾ سولنگي برادري پاران پوليس هٿا مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻن جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن رحمت اللًٰه سولنگي، علي اصغر سولنگي، دوست علي سولنگي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سولنگي برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته ڊي ايس پي مورو حميد پنهور  ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ معصوم ڳوٺاڻن اطهر سولنگي ۽ محب سولنگي کي بيگناهه قتل ڪري ظلم ڪيو آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.