سام سنگ جو 2022 ۾ بهترين فون متعارف ڪرائڻ جو اعلان

سام سنگ ڪمپني طرفان نئون فليگ شپ فون ايس 21 ايف اِي سال 2022 ۾ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ان حوالي سان جاري رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايس 21 ايف اِي گذريل سال گليڪسي ايس 20 ايف اِي جو اپ ڊيٽ ورزن هوندو.

ليڪ ٿيل معلومات ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها گهٽ قيمت واري موبائل فون 4 جنوري 2022 تي پيش ڪئي ويندي.

فون ۾ 6.4 انچ جو ڊسپلي ڏنو ويندو جڏهن ته 4370 ايم اي ايڇ بيٽري ڊيوائس جو حصو هوندي جنهن سان گڏ 45 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني ويندي.

فون جي پٺيان 3 ڪيميرائن جو سيٽ اپ هوندو جنهن جي مُک ڪيميرا 32 ميگا پڪسل جي هوندي جنهن سان گڏ 12 ميگا پڪسل ۽ 8 ميگا پڪسل سينسر هوندا.

فنگر پرنٽ سينسر اسڪرين جي اندر هوندو جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي کان 256 جي بي اسٽوريج جا آپشن موجود هوندا.

گيليڪسي ايس 21 ايف اِي ۾ اسنيپ ڊراگون 888 پراسيسر موجود هوندو جڏهن ته ڊسٽ ۽ واٽر ريزسٽنس ۽ ڊولبي ايٽموس سپورٽ تي به مشتمل هوندو.

جيڪڏهن اهي سمورا فيچر درست آهن ته حيران ڪندڙ طور ايف اِي ماڊل گهڻي مهانگي گليڪسي ايس 21 جي مقابلي ۾ وڌيڪ وڏو هوندو.

اهو به خيال ڪيو پيو وڃي ته ايس 21 ايف اِي جي قيمت گهٽ هوندي ڇو ته ايس 21 جي قيمت 800 ڊالر کان شروع ٿي هئي ۽ جيڪڏهن 300 ڊالرن جي گهٽتائي واري فارمولي تي عمل ڪيو ويو ته اها فون 500 ڊالرن جي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.