ڄامشورو: اديب ۽ ڊراما نگار شوڪت شورو آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

سنڌ جي نامياري اديب، ڊراما نگار شوڪت حسين شورو جي جنازي نماز ۽ تدفين ڄامشورو ۾ ڪئي وئي. جنازي نماز سنڌ يونيورسٽي جي قبا جامع مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي واري ورڪشاپ ڀرسان موجود قبرستان ۾ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.

شوڪت حسين شورو جي آخري رسمن ۾ شاعرن، اديبن، دانشورن، فنڪارن، اداڪارن، صحافين، سنڌ يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جڏهن ته تڏو سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي فيز، ون ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي مک دروازي ڀرسان وڇايو ويو، جتي تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

ان موقعي تي مختلف شخصيتن پنهنجا ويچار ونڊيندي شوڪت حسين شورو کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته هو سنڌي ادب ۾ وچين ٽهيءَ جو ماٺيڻو، محبوب ۽ اڻ تڪراري شخصيت قرار سندس وڇوڙي سنڌي ادبي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ڪيو آهي .

ايس او ٽي…………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.