ميروخان: ڳوٺاڻن پاران اي سي ۽ ايس ايڇ او خلاف ڌرڻو

ميروخان  ۾ ڳوٺاڻن پاران اسسٽنٽ مختيار ڪار ۽ ايس ايس ايڇ او سجاول جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

ميروخان ويجهو ڳوٺ ڀائي خان مستوئي جي رهواسين پاران ميروخان – سجاول جوڻيجو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته ته 73 ايڪڙ زرعي زمين جو کاتو ۽ مڪمل رڪارڊ موجود آهي، پر اسسٽنٽ مختيار ڪار سجاول جوڻيجو عبدالحق مگسي رڪارڊ ۾ ڪوڙي داخلا رکرائي اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو .

هنن چيو ته نادر مگسي به ايس ايس او سجاول کي اسان جي تحفظ جو چيو آهي پر پوليس ابتڙ اسان کي تنگ ڪري رهي آهي.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اسسٽنٽ مختيار ڪار ۽ ايس ايڇ او جي زيادتين جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.