کپرو: فوتي عورت جي وارثن جو ساهرن تي قتل جو الزام، انصاف جي گھر

کپري ڀرسان فوتي عورت جي وارثن ساهرن تي قتل جو الزام هڻندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ راڙ جي رھواسين حليم ، ڀڳڙو ڀيل ۽ ٻين احتجاجي مظاھري بعد الزام هڻندي چيو ته مقتولا نصيبان شادي ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ ديوي ۾ ٿيل هئي جنهن کي ساهرن قتل ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته هن ساهران پاران هن تي تشدد ڪيو ويندو هو، ٽنڊوالهيار پهتاسين ته بيرحم مڙس عورت جو منهن به نه ڏسڻ ڏنو ۽ کيس پوسٽ مارٽم کان سواءِ دفنائي ڇڏيو.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.