قمبر: جي يو آءِ پاران فهميده سيال جي قتل ۽ پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف ڌرڻو

قمبر ۾ جي يو آءِ پاران خيرپور جوسو ۾ گولي هڻي قتل ڪيل عورت فهميده سيال جي واقعي ۽ پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

جي يو آءِ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي سڏ انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي سبب ڪراچي- حيدرآباد ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن حافظ عزير گل جاگيراڻي، گل انقلابي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پ پ ايم پي اي گنهور اسراڻ ۽ سندس والد شهيد اسراڻ پاڪ ڪتاب جي به حرمتي ڪري دل آزاري ڪئي آهي، هن ملڪ ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ يا وري ملڪ جي جهنڊي جي به حرمتي ڪندڙ خلاف ايف آءِ  آر ٿي سگهي ٿي ۽ سزائون به ڏنيون وڃن ٿيون پر پاڪ ڪتاب جي به حرمتي ڪندڙ خلاف ايف آءِ آر نه پئي ڪئي وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي ڪندڙ  پ پ ايم پي اي گنهور اسراڻ ۽ سندس پيءُ  مٿان پاڪ ڪتاب جي توحين جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.