انسان جي ذهنيت جو فيصلو ڪندڙ تصوير!

ان تصوير ۾ توهان سڀ کان پهريون ڪهڙي شيءِ کي سڃاڻيو؟ ان تصوير مان توهان کي ان ڳالهه جي خبر پئجي ويندي ته توهان ڪهڙي قسم جي شخصيت جا انسان آهيو.

ان تصوير ۾ ٿي سگهي ٿو ته توهان کي بدڪ نظر آئي هجي؟ يا وري ڪجهه ماڻهن کي ان ۾ سيهڙ (سِهو) نظر آيو هجي پر ان تصوير ۾ سيهڙ ۽ بدڪ ٻئي گڏ موجود آهن.

سيهڙ

ان تصوير ۾ حقيقت ۾ سيهڙ به آهي، جيڪڏهن توهان سيهڙ کي سڃاڻي ورتو آهي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان جي دماغ جو کٻو حصو سڄي حصي تي گهڻو حاوي آهي، جيڪو هڪ اهم نظريو آهي جيڪو عام انسانن کي منفرد بڻائيندو آهي مطلب ته توهان شين جو مطالعو ڪندا آهيو ۽ شين کي ٽيڪنيڪل انداز سان ڏسندا ۽ پرکيندا آهيو.

ان ئي تصوير ۾ چهنب جو هجڻ بدڪ جي ڏيک ڏئي ٿو، جيڪڏهن توهان کي تصوير ڏسڻ سان ئي اها بدڪ لڳي آهي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان جي دماغ جو سڄو حصو کٻي حصي تي حاوي آهي ۽ جيڪڏهن عام لفظن ۾ چيو وڃي ته توهان جو دنيا کي ڏسڻ جو نظريو عام انسانن جهڙو ئي آهي.

پر جيڪڏهن توهان کي تصوير کي ڏسندي ئي بدڪ ۽ سيهڙ ٻئي نظر اچي ويا ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان تخليقي شخصيت جا مالڪ آهيو مطلب ته توهان دنيا کي گهري نظر سان ڏسندا ۽ سمجهندا آهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.