آرمي پبلڪ اسڪول سانحو: عدالت جو والدين کان موقف وٺي ڪارروائيءَ جو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيندڙ حملي ۾ شهيد ٻارن جي والدين جو موقف ٻڌي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيندڙ حملي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

گذريل ٻڌڻي تي درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو هو ته اي پي ايس حملي ۾ اسان پنهنجا ٻار وڃائي ڇڏيا، تنهن ڪري ڪيس جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ معاملي جي جاچ ڪري جوابدارن کي سزا ڏني وڃي.

عدالت اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو هو ته معاملي جي جاچ مڪمل ڪري عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي.

اڄ اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اعليٰ اختيارين خلاف ڪا ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي سگهي، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهو واقعو سيڪيورٽي ليپس هو، حڪومت کي ان جي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي، ان وقت جي سڀني عسڪري ۽ سياسي اختيارين کي اطلاع هجڻ گهرجن ها.

چيف جسٽس چيو ته اسان ايجنسين ۽ ادارن کي سڀ خبرون هونديون آهن پر جڏهن اسان جي پنهنجي ماڻهن جي سيڪيورٽي جو مسئلو ايندو آهي ته اهي ناڪام ٿي ويندا آهن.

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته آپريشن ضرب عضب جاري هو ۽ ان جي ردعمل ۾ اهو واقعو پيش آيو، اسان جي حڪومتي ادارن کي ٺوس قدم کڻڻ گهرجن ها، اي پي ايس واقعو سيڪيورٽي جي ناڪامي هئي، ڪيس ۾ رهجي ويندڙ خال بابت توهان کي آگاهه ڪرڻ جو چيو ويو هو.

اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته پنهنجون غلطيون تسليم ٿا ڪيون، پنهنجي آفيس ڇڏي ڏيندس پر ڪنهن غلطيءَ جو دفاع نه ڪندس، جيڪڏهن عدالت ٿورو وقت ڏئي ته وزيراعظم ۽ ٻين اختيارين کان هدايتون وٺي عدالت کي معاملي کان آگاهه ڪندس پر چيف جسٽس چيو ته هي سنگين نوعيت جو معاملو آهي، ان تي وزيراعظم کان ئي جواب طلب ڪنداسين.

جسٽس قاضي امين چيو اطلاع آهن ته رياست ڪنهن گروهه سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، ڇا اصل جوابدارن تائين پهچڻ ۽ پڪڙڻ رياست جو ڪم ناهي؟

چيف جسٽس چيو ته ٻارن کي اسڪولن ۾ مرڻ لاءِ نٿا ڇڏي سگهون، چوڪيدار ۽ سپاهين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، اصل ڪارروائي ته مٿان کان شروع ٿيڻي هئي پر مٿيان پگهارون ۽ مراعتون وٺي هلي پيا.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو اهو ممڪن ناهي ته دهشتگردن کي اندر کان سپورٽ نه ملي هجي.

سپريم ڪورٽ حڪومت کي والدين جو موقف وٺي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت عظميٰ حڪومت کي 20 آڪٽوبر جي حڪم نامي تي عملدرآمد جي به هدايت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.