ملير ڪورٽ ۾ پيشيءَ تي آيل جوابدار پنهنجو ڳلو ڪَپي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملير ڪورٽ ۾ پيشي تي آيل جوابدار مبينا طور آپگهات جي ڪوشش ڪئي.

ريسڪيو ذريعن موجب عدالت ايندڙ عبدالله نالي جوابدار تکي اوزار سان پنهنجو ڳلو ڪَپي ڇڏيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ جناح اسپتال نيو ويو.

وڪيلن جو چوڻ آهي ته جوابدار واش روم ۾ وڃي تکي اوزار سان پنهنجو ڳلو ڪپيو، جنهن کي وڪيلن جي مداخلت کانپوءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب جوابدار عبدالله کي شاهه لطيف ٿاڻي مان رمانڊ لاءِ عدالت آندو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.