ڪنب ويجهو موٽرسائيڪل ڪتي سان ٽڪرائجڻ سبب 4 ڄڻا زخمي

ڪنب (رپورٽ خدا بخش تمراڻي  ) ڪنب لڳ اولڊ نيشنل هاء وي تي راجا هوٽل ڀرسان تيز رفتار موٽر سائيڪل  اوچتو آڏو آيل  ڪتي سان ٽڪرائجڻ  ڪري موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ حبيب راڄپر واسي فهيم  راڄپر  هڪ ٻارڙي ۽ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي راڻيپور اسپتال نيو ويو ۔جڏهن ته ڪنب لڳ علي بحرواه ڀرسان ڪار جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ ڪري تنوير خاصخيلي معمولي زخمي ٿي پيو.

پير ڳوٺ ويجهو ڦر مزاحمت تي ڳوٺاڻو زخمي

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ لڳ ڦر مزاحمت تي هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو سخت زخمي اسپتال منتقل. رپورٽ موجب پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ واري وٽ هٿياربندن رشيد ﷲ ڦلپوٽو کان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي جڏهن ته مزاحمت تي هٿياربندن بٽ ۽ ڏنڊا زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.