ڀان سيد آباد جي شاخن ۾ پاڻي نه پهتو، آبادگارن جو آبپاشي عملدارن خلاف ڌرڻو

ڀان سيدآباد  ( رپورٽ : آدم مينگل  )  وڏي وزير جي چونڊ تڪ ڀان سيدآباد جي آبادگارن زرعي پاڻي جي هترادو کوٽ خلاف آبادگار اڳواڻ منظور جمالي، ڪامل خان پنهور، رئيس اختر خان جمالي، عبدالمجيد پنهور، اصغر دل، شريف پنهيار، جمن برهماڻي،  شمن راڌڻ جي اڳواڻي ۾ آبادگارن انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو  ۽ آبپاشي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي وڌيڪ چيو ته  آبپاشي انتظاميا دائم برانچ دل شاخ اڪتڙ شاخ ڀان مائنر  سلطان پر آراضي  سميت ٻين شاخن جي منڍ جي با اثر آبادگارن کان في واٽر تي هڪ لک رپيا رشوت عيوض پاڻي چوري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري دائم برانچ دل مائينر اڪتڙ شاخ سميت ٻين شاخن جي پڇڙي تي پاڻي جي جڳهه تي واري اڏري رهي آهي،  ان جي ڪري ڪڻڪ جي پوکائي هن محل تائين نه ٿي سگهي آهي، جيڪو آبادگارن جو معاشي قتل آهي، هنن وڌيڪ  چيو ته اسان سنڌ جي وڏي وزير جي چونڊ تڪ جا ووٽر آهيون، جنهن کي ڪيترائي ڀيرا پاڻي جي کوٽ خلاف شڪايت ڪئي لکت ۾ اهڙيون درخواستون ڏنو ان باوجود وڏي وزير اسان جي بنيادي مسئلي جو ڪو به تدارڪ نه ڪيو،  هن وقت سخت پريشان آهيون جنهن ڪري هاڻي اسان آبادگارن گڏجي فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏنهن  48 ڪلاڪن اندر  ڄاڻايل شاخن  جي پڇڙي تائين پاڻي نه ڏنو ويو ته مجبورن خميس جي ڏينهن سي ايم هاوس واهڙ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري مرڻ گهڙي تائين بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪنداسين

  • ڪلوئي جي شاخ ۾ پاڻي نه آيو، آبپاشي عملي خلاف بک هڙتال

ڪلوئي (رپورٽ:نواز لنڊ) ڪلوئي جي رڻ شاخ ڏيپلو مائنر جي آبادگارن محمد عيسي لنڊ آدم لنڊ يار محمد لنڊ دادان لنڊ جي اڳواڻي ۾ اڄ ڇهين ڏينهن به بک هڙتال جاري رهي انهي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آبپاشي عملي جي نااهلي سبب اسان جي حصي جو پاڻي مٿي منڊ ۾ سري عام وڪرو ٿي رهيو آهي ڪير نوٽيس وٺڻ وارو نه آهي هنن چيو ته اسان جي واري ۾ تمام پاڻي گهٽ ڇڏيو ويو آهي جنهن ڪري اسان تباهه ٿي ويا آهيون ھنن چيو ته اسان مجبورن ٿي هي احتجاجي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي آهي ٻن ڏينهن اندر اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ڏنو ويو ته اسان ٿر ڪول روڊ بلوچ آباد وٽ روڊ تي ڌرڻو هڻندا سين هوڏانهن آبپاشي عملي موقف ڏيڻ کان لنوائي ڇڏيو جنهن ڪري سندن موقف معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

  • جهڏي ۾ بگي مائينر جو پاڻي بند، آبادگارن جي احتجاجي ريلي

جهڏو (رپورٽ: اسحاق ساگر ڀٽي) جهڏو جمڙائو ڪئنال جي مين تيل بگي مائينر شاخ جو پاڻي غير قانوني بند ڪرڻ خلاف ٽيل آبادگار ايسوسئيشن جي سڏ تي آبادگار اڳواڻ جليل انڙ اياز کوسو اياز رضوي ايڊوڪيٽ ممتاز کوسو اسماعيل مغيري جاني ڪبوه جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن بئنر ۽ شيٽون کڻي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال خلاف شديد نعريبازي ڪئي ريلي شھر جي مختلف روڊن تان گشت ڪندي جڏهن نيشنل بئنڪ چوڪ پهتا ت ڪارڪنن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي ايف او چيئرمين جليل انڙ ايڊوڪيٽ ممتاز کوسو اياز کوسو اياز رضوي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ت ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ڪرپٽ آهي جنهن ڪڻڪ جي پوکي جي سيزن ۾ بنا جواز پوڇڙين جو پاڻي بند ڪري ڪربلا جي يزيدن جو تسلسل ورجايو آهي سسٽم ۾ پاڻي موجود آهي ڪا ب کوٽ ڪونهي صرف منڊ جي بااثرن کي خوش ڪرڻ لاءِ بگي مائينر جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سب هزارين ايڪڙ ڪڻڪ جون تيار ٿيل ٻنيون بيابان ٿي ويون آهن پوکيل فصل ڪڻڪ سرنهن تماٽر بصر سڪي ختم ٿي ويا آهن آبادگارن جا ڪروڙين رپيا ٻڌي ويا آهن آبادگار معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن هنن مطالبو ڪندي چيو ت ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کي برطرف ڪري بگي مائينر جو پاڻي بحال ڪيو وڃي هنن اعلان ڪندي چيو ت 13 نومبر ڇنڇر ڏينهن مٺي ميرپورخاص روڊ تي مطالبن جي  مجتا تائين ڌرڻو هنيو ويندو ۽ جهڏو نئوڪوٽ ۾ ستربند هڙتال ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.