چمبڙ لڳ پرڻيل نوجوان ناري خودڪشي ڪري ڇڏي

چمبڙ (ن ع آ ) چمبڙ جي ڳوٺ حاجي ڳاڙھو لنڊ ۾ پورھيت من ڪولھي جي 20 ورھين جي زال گڏي، ڪولھڻ سندس ئي ڪچي مٽي سان ٺاھيل ڪکاوين گھر جي ڇت جي گارڊر ۾ سندس مٿي تي پائڻ واري ڪپڙي جو رسو ٻڌي سندس ڳچي ۾ وجھي مبينا طور خودڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو ان سلسلي ۾ پورھيت ويرو ڪڇي ٻڌايو تہ مون پنھنجي پٽ من ڪڇي کي 6 مھينا اڳ ميرپورخاص روڊ ڀرسان ڳوٺ ميل موري ۾ جيوڻ ڪولھي جي ڌي گڏي سان پرڻايو ھو ٻئي زال مڙس پنھنجي گھر ۾ خوش زندگي بصر ڪري رھيا ھئا ۽ ديوالي واري عيد تي ننھن گڏي سندس مائٽن وٽ ميل موري وئي ھئي جنھن کي ڪالھ شام جو سندس مڙس پنھنجي گھر وٺي آيو ٻئي پاسي فوتڻ ناري جي مڙس من ڪولھي ٻڌايو تہ اڄ شام جو اسان سڀئي گھر ڀاتي ڳوٺ ڀرسان بصرن جي واڍي تي ويا ھئاسين ۽ منھنجي گھرواري کي گھر ڇڏي وياسين تہ ھن گھر اندر ڪپڙي جو رسو ٻڌي ڦاسي کائي ڇڏي اھڙي اطلاع تي چمبڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي لاش کي سول اسپتال ٽنڊوالھيار مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.